کلاسک

WebSite    

وچار > هندستان جي مشهور شاعر گلزار تي گيت چوري ڪرڻ جو الزام

هندستان جي مشهور شاعر گلزار تي گيت چوري ڪرڻ جو الزام

ويچار ڊيسڪ
February 5th, 2010

بالي وڊ جي فلم انڊسٽري لاءِ 2010 بهترين سال ثابت نه ٿيو. هڪ پاسي جتي بهترين فلمن ”ٿري ايڊيٽس“ ۽ ”وير“ باري تضاد ٿيو هتي ئي وشال ڀردواج جي فلم ”عشقيه“ به پنهنجي گاني ”ابن بطوطه“ سبب ڏکيا ڏينهن ڏسي رهي آهي.

 

هن فلم لاءِ گانا لکڻ واري مشهور شاعر گلزار تي اِهو الزام آهي ته اُنهيءَ ابن بطوطه وارو گانو مشهور هندي شاعر سروشور ديال سڪسينه جي نظم ”ابن بطوطه پهن ڪي جوتا نڪل پڙي طوفان مين“ کان چوري ڪيو آهي.

 

رپورٽن موجب سڪسينه جي ڌيءُ شوڀا نئين فلم عشقيه جي ڊائريڪٽر تي سندس پيءُ جي نظم چوري ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. شوڀا جو چوڻ آهي ته آئون ڪنهن لالچ لاءِ اِهو الزام نه هنيو آهي پر جيڪڏهن گلزار انهيءَ نظم کان متاثر ٿي ڪري اِهو گانو لکيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سندس پيءُ جو ذڪر ته ڪري ها.

 

ٻي پاسي عشقيه فلم جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته کيس اهڙي ڪنهن به نظم جي خبر ناهي.

 


 

 

Free counter and web stats