کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ريکا جو عشق ۽ ٻن ستارن جو ميلاپ

ريکا جو عشق ۽ ٻن ستارن جو ميلاپ

وچار ڊيسڪ
January 9th, 2008

نه رڳو بالي ووڊ جي گهٽين ۾ پر سڊني جي بارونق هوٽلن ۾ به ٻن ستارن جي ملن جا چوٻول ٿي رهيا آهن. اسين مشهور فلم ايڪٽريس ديپڪا ۽ ڪرڪيٽر يوراج سنگهه جي باري ڳالهائي رهيا آهيون. يوراج سنگهه نه صرف ڌونيءَ کي بلڪ ٻين ڪيترن نوجوانن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. سڊني جي هڪ هوٽل ۾ عوام ڏٺو ته هو ڪيئن ديپڪا جي سالگره جو جشن ملهائي رهيو هو. اسانجي مخبر موجب جيڪڏهن ٻنهن جي درميان سڀ ڪجهه صحيح رهيو ته پوءِ هو ٻن سالن کانپوءِ شادي ڪري وٺندا.

 

عامر ته عامر آهي.

 

عامر خان عامر آهي. هڪ ڪامياب ۽ دلچسپ فلم تاري زمين پر ڏيڻ کانپوءِ به هو پنهنجي ضد تي قائم آهي ته هو ايوارڊ ڪونه وٺندا. اسانجي مخبر موجب اسڪرين اخبار گذريل ٻن سالن جي بهترين فلمن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ عامر خان جي فلم تاري زمين پر کي هڪ يا ٻن ۾ نه بلڪ 17 رمزن ۾ نامينيٽ ڪيو آهي پر عامر ته عامر آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته مونکي ايوارڊ وٺڻ جو شوق ناهي. اوهانکي ياد هوندو ته سندس هوم پروڊڪشن فلم لگان جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ سندس والد طاهر حسين آيا هئا. شايد هاڻي سڀئي چائلڊ اسٽار درشيل سفاري کي سمورا ايوارڊ حاصل ڪندي ڏسندا.

 

موم جو سلمان

 

سلمان خان 14 جنوري جي ڏينهن موم جا بڻجي ويندا. لنڊن جي مادام تُساد ميوزيم ۾ سندس مجسمي جي نمائش ٿيندي ۽ پرديس ۾ سندس پاڙيسري هوندا اميتاب بچن، شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ.... ڇا ٿيو جو انڊيا ۾ هو ايش سان ڪونه ملي سگهيو. لنڊن ۾ ته توهان ٻئي هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهيو نه پر ادا سلو (سلمان) توهان خبردار رهجو ڇو ته اميتاب بچن صاحب به هتي موجود هوندا.

 

ريکا جو عشق

 

سدا بهار سهڻي ريکا ڪنهن کي عشق ڪندي آهي؟ اسانکي خبر آهي ته توهان سڀنيءَ کي معلوم آهي. پر اسين هتي هن عشق جي ڳالهه ڪونه ڪري رهيا آهيون. ريکا اڄڪلهه فلم ”صديان“ جي شوٽنگ ڪري رهي آهي ۽ فلم جو سيٽ نتن ديسائي ڪرجت ۾ تيار ڪرايو آهي.

 

روزانو ممبئي کان هتي وڃڻ تمام ڏکيو آهي انهيءَ ڪري ريکا لاءِ هتي سيٽ جي قريب ئي هڪ ننڍو مڪان تيار ڪرايو ويو آهي. هاڻي ريکا جو چوڻ آهي ته سندس گهر جي چوڌاري هڪ ننڍو باغ پڻ ٺهرايو وڃي ڇو ته ميڊم کي ساوڪ تمام گهڻي پسند آهي.

 

مونکي اولاد کپي

 

فلم تاري زمين پر ڏسي جذباتي ٿيل فلم ميڪر ڪرن جوهر هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته مونکي اولاد کپي، مان پيءُ بڻجڻ جو خواهشمند آهيان، جوهر جو چوڻ آهي ته هو پيءُ بڻجي ڪري پنهنجي پُٽ جا مسئلا سمجھڻ ۽ هنن کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ڪرن جوهر فلم ڏسي هنجو هاريندو رهيو. ڪرن اهو سڀ ڪجهه ته بالڪل درست آهي پر اولاد... توهان چڱي طرح سوچي ورتو آهي نه.....

 


 

 

Powered by: PHPCow.com