چوندا آهن ته شهرت سان ماڻهون کي ڳڻتي پڻ ٿيندي آهي پر بالي ووڊ اسٽار سلمان خان کي اهڙي قسم جي ڳڻتي ناهي. سلمان خان هميشه کان فلم انڊسٽري ۾ پهريون قدم رکندڙن سان تعاون ڪيو آهي. اڄڪلهه سلمان خان پاڪستاني سنگر علي ظفر جي تعريف ڪري رهيو آهي جيڪو سندس پهرين بالي ووڊ فلم ”تيري بن لادن“ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
سلو ڀائي جيڪو اڄڪلهه ارباز خان جي فلم ”دبنگ“ جي ڊبنگ ۾ تمام مصروف آهي هن ڪجهه ٽائم ”تيري بن لادن“ جي پرائيويٽ اسڪريننگ لاءِ پڻ ڪڍيو آهي ۽ سلمان خان کي اِها فلم به پسند آهي. سلمان اِها اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي ته اِها فلم هٽ ثابت ٿيندي. علي ظفر سلمان خان جي ايڪٽنگ جي تعريف ڪئي جنهن کانپوءِ سلمان خان علي ظفر کي ڪجهه ٽپس پڻ ٻڌايا.
سلمان خان هتي بس نه ڪئي بلڪ مشهور ايڪٽر سلمان خان علي ظفر جي فلم جي مشهوري ڪندي سندس هڪ سوشل نيٽورڪنگ جي سائٽ تي فلم ”تيري بن لادن“ جو پوسٽر هڻندي لکيو آهي ته ”دوستو! اِهو علي ظفر آهي! کيس 16 جولاءِ تي ”تيري بن لادن“ ۾ ضرور ڏسجو! تمام بهترين فلم آهي!“
سلمان خان پاران آڌرڀاءُ ملڻ کانپوءِ علي ظفر چيو آهي ته ”سلمان هيرو شخص آهي ۽ مونکي سندس اِهو ڪم تمام وڻيو آهي (فلم جي مشهوري وارو). هن مونکي ڪجهه ٽپس پڻ ڏنا آهن ته بالي ووڊ ۾ ڪيئن هلڻ گهرجي. هو مون سان گانا پڻ ڳائيندو رهيو. علي ظفر چيو آهي ته مونکي يقين آهي ته ”تيري بن لادن“ سپر هٽ فلم ثابت ٿيندي.