بالي ووڊ جي مشهور هيرو عامر خان جي ڪاميابي کي هميشه سندس محنت ۽ ڪم ۾ مهارت قرار ڏنو ويندو آهي. پر عامر خان جو ذاتي خيال ڇا آهي؟ هو هن کي پنهنجي لاءِ اهم نٿو سمجهي.
عامر خان هر فلم ريليز ٿيڻ کان پهرين مشهور اداڪار شمي ڪپور کان مشورو ڏٺندو آهي. سندس ريت موجب پنهنجي نئين فلم پيپلي جي سي ڊي به پاڻ شمي ڪپور وٽ کڻي ويندو.
فلم ”تاري زمين پر“ ۽ ”جاني تو... يا جاني نه“ جو ميوزڪ ريليز ٿيڻ کان پهرين عامر خان هنن فلمن جون سي ڊيون پڻ شمي ڪپور جي گهر کڻي ويو.
ذريعن ٻڌايو آهي ته پنهنجي نئين فلم پيپلي جو ميوزڪ ريليز ٿيڻ کان پهرين عامر خان شمي ڪپور وٽ سي ڊيز کڻي ويندو.
ذريعن موجب ”عامر خان اِها ريت ختم نٿو ڪرڻ چاهي. عامر خان سندس پهريان به ائين ڪندو هو. عامر خان شمي ڪپور کي سندس گهر ڀاتي سمجهندو آهي.“