{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > دل والي دلهنيا لي جائين گي جو رڪارڊ: 15 سالن کانپوءِ به سئنما هال ۾

دل والي دلهنيا لي جائين گي جو رڪارڊ: 15 سالن کانپوءِ به سئنما هال ۾

ويچار ڊيسڪ
July 19th, 2010

هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن هڪ ٻه هفتن تائين هائوس فل ٿيڻ واري فلم کي هٽ قرار ڏنو ويندو آهي. رومينٽڪ فلم ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“ ممبئي مراٺا مندر ٿيٽر ۾ ريليز ٿيڻ جي 15 سالن کانپوءِ به هلي رهي آهي.

 

اِها فلم 25 آڪٽوبر سال 1995 تي نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هئي. هن فلم کي 15 سال گذري چُڪا آهن. اِها انڊين فلم انڊسٽري ۾ هڪ رڪارڊ آهي.

 

هن فلم باڪس آفيس تي بزنس ڪرڻ کان علاوه سئنما هال ۾ سڀ کان طويل عرصي تائين هلندڙ فلم جو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. بالي وڊ جي ڪا به فلم ايتري طويل عرصي تائين ڪنهن به سئنما هال ۾ نمائش لاءِ پيش ناهي ڪئي وئي. مراٺا مندر ٿيٽر ۾ اڄ به اِها فلم هائوس فل ٿيندي آهي.

 

هن کان پهريان اميتاڀ بچن ۽ ڌرميندر جي فلم ”شعلي“ منروا ٿيٽر ۾ 5 سالن تائين ڏيکاري وئي. هاڻي هن فلم جو رڪارڊ ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

 

فلم ۾ ڪاجل ۽ شاهه رُخ جي رومانوي جوڙي آهي ۽ ڪهاڻي لنڊن کان شروع ٿيندي آهي. ٻنهيءُ جو عشق هتان شروع ٿيندو آهي ۽ بعد ۾ ڪاجل جي شادي جي سلسلي ۾ سندس ماءُ پيءُ کيس پنجاب وٺي ايندا آهن.

 

هن فلم جي ڪهاڻي ۽ اسڪرين پلي يش چوپڙه جي پُٽ آدتيه چوپڙه لکيو آهي. فلم جا ڊائيلاگ جاويد صديقي لکيا جيڪي تمام مشهور ٿيا هئا. مراٺا مندر ٿيٽر ۾ سڀ کان بهترين سيٽ جي ٽڪيٽ ويهه رپيا آهي. سئنما هال جي ايزگيڪٽو ڊائريڪٽر موجب فلم ڪيترن ئي ڳالهين سبب مشهور ٿي آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته ”فلم جو ميوزڪ شاندار آهي ۽ بالي وڊ جي مشهور هيرو هيروئن جي جوڙي هن فلم جا اهم ڪردار آهن. هن کان علاوه مراٺا مندر سئنما هال ۾ اهڙي جاءِ پڻ آهي جتي فلم ڏسڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن ۾ 40 سيڪڙو ڄڻا شامل هوندا آهن جيڪي روزانو ممبئي کان ٻاهر ويندا آهن يا ممبئي ايندا آهن.

 

سئنما هال جي هڪ منتظم جيون مارو جو چوڻ آهي ته جڏهن کان اِها فلم ريليز ٿي تڏهن کان اِها فلم هلائي رهيا آهن. ”آئون گذريل 14 سالن کان روزانو اِها فلم ڏسي رهيو آهيان. پر اڄ تائين آئون هن فلم کان بيزار ڪونه ٿيو آهيان.

 

فلم ڏسڻ آيل رشي نالي شخص جو چوڻ آهي ته ”مان هتي پنج ڀيرا اِها فلم ڏٺي آهي ۽ ٽي وي تي به ڏسندو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته مونکي اِها فلم انڪري وڻندي هجي ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو مون اِها فلم ڪاليج ۾ ڏٺي هئي.

 

ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن فلم جي مقبوليت جو ڪارڻ هن فلم جو ميوزڪ، اداڪاري، هدايتڪاري آهي. مراٺا مندر ٿيٽر جي مئنيجر پروين راءِ چيو آهي ته اِهو ٿيٽر فلم ”مغل اعظم“ جي وقت کان مشهور ٿيو هو ۽ اڄ هن فلم اسانجي ٿيٽر کي تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.