کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ڇا ايشواريا راءِ ۽ انجلينا جولي ڀينريون آهن؟

ڇا ايشواريا راءِ ۽ انجلينا جولي ڀينريون آهن؟

وچار ڊيسڪ
February 2nd, 2008

انساني اکين جي جينز تي تحقيقات ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هندستاني اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ آمريڪي اداڪارا اينجلينا جولي جو خاندان ماضي ۾ هڪ ٿي سگهي ٿو. ڪوپن هيگن يونيورسٽي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته نيري رنگ جي اکين واري خاندانن جو ماضي ۾ هڪ ٻي سان تعلق هجي، ريسرچ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هزارين سال پراڻي تاريخ جي تحقيقات ڪئي وڃي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته نيري رنگ جي اکين وارن خاندانن جو هڪ ٻي سان تعلق هجي.

 

نيري اکين وارا جيترا به ماڻهون پنهنج ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ راضي ٿيا هئا انهن مان 99.5 سيڪڙو ماڻهن جي جين ۾ هڪ ننڍو مادو موجود هيو جيڪو اکين جي پُتلين جو رنگ ٺاهيندو آهي. يونيورسٽي جي پروفيسر هينس ايبر جو چوڻ آهي ته هن اهڙن 800 ماڻهن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪيو هو جن ۾ سفيد رنگ وارا، ڪاري رنگ وارا، تُرڪي ۽ يونان جا ماڻهون شامل هئا.

 

پروفيسر جو چوڻ آهي ته انهن مان سڀنيءَ جي ڊي اين اي ٽيسٽ جي نتيجن ۾ ٿوري گهڻي فرق کان علاوه باقي شئين ۾ وڌيڪ فرق ناهي. جنهن کان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن سڀنيءَ ماڻهن جو تعلق ماضي ۾ هڪڙي ماڻهون سان آهي، يعني اهي سمورا ماڻهون ماضي ۾ ڪنهن هڪڙي ئي ماڻهون جي اولاد آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جين ۾ اکين جو رنگ تبديل ڪرڻ وارو مادو هڪ ماڻهون ۾ ٺهيو ۽ پوءِ هتان دنيا جا سڀئي نيري رنگ جي اکين وارن ماڻهن تائين منقتل ٿيو.

 

پروفيسر هنس جو چوڻ آهي ته هن جاچ کان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سڀئي نيري رنگ جي اکين وارن ماڻهن جو هڪ ٻي سان تعلق آهي ۽ اُهي سڀ هڪڙي ئي ماڻهون جي اولاد آهن. انهن سڀنيءَ ماڻهن جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ اهو مادو موجود آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com