پاڪستاني مردن ۾ اهڙي صلاحيت آهي جو اولهه جون مشهور عورتون هنن جي پوئتي پئجي وينديون آهن؟ نئين افواهه آهي ته مشهور پاپ سنگر برٽني سپيئرز مسلمان ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي عاشق عدنان غالب سان پاڪستان ايندي. هڪ برطانوي اخبار ”سن“ موجب برٽني پاڻ کي مارڻ جو ناٽڪ ڪرڻ کانپوءِ اسلام قبول ڪري پاڪستان اچي پنهنجي حياتي جي هڪ نئين شروعات ڪرڻ چاهي ٿي.
35 سالن جو غالب هڪ فوٽو ايجنسي ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ هو تمام خوبصورت نوجوان آهي جنهن کي برٽني پسند ڪيو آهي، برٽني سندس عاشق بڻجي وئي آهي. ميڊيا رپورٽس موجب غالب برمنگهم واسي هڪ شريف سُني مسلمان خاندان سان تعلق رکندو آهي جيڪي اهو سوچي پريشان آهن جو انهن غالب کي گهر کان ڪڍي ڇڏيو آهي.
غالب جي هڪ دوست ٻڌايو آهي ته غالب جي والد انهيءَ هفتي کيس چيو هو ته برٽني سان تعلقات ختم ڪري ڇڏ، جيڏهن تون ائين نه ڪندين ته پوءِ مان سمجهندس ته اڄ کانپوءِ تون منهنجي لاءِ مري ويو آهين، پر عدنان پنهنجي والد جي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هن کان پهريان امير خاندان سان تعلق رکندڙ جمائما خان پنهنجي گهروارن جي مرضي جي خلاف پاڪستاني عمران خان سان شادي ڪئي هئي ۽ سندن رشتو وڌيڪ عرصي تائين ڪونه هلي سگهيو. پوءِ شهزادي ڊيانا جو عشق ڊاڪٽر حسنات سان هلندو رهيو ۽ اهو ڊاڪٽر حسنات به هڪ پاڪستاني هيو. اها خبر ٻُڌڻ کانپوءِ ڊاڪٽر حسنات به پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته برٽني جو مامرو ته هڪ گهر تائين محدود آهي.