{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > مستاني کانپوءِ ببو برال به وڇڙي ويو

مستاني کانپوءِ ببو برال به وڇڙي ويو

ويچار ڊيسڪ
April 16th, 2011

ڪجهه ڏينهن اڳ پنجابي اسٽيج جي مشهور فنڪار مستاني جي وڇوڙي بعد مشهور ڪاميڊين ۽ پنجابي اسٽيج جو فنڪار ببو برال به طويل عرصي تائين بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن 47 سال جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ببو برال طويل عرصي کان ڪينسر، هيپاٽائيٽس ۽ گڙدن جو مريض هو ۽ لاهور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج ڪرائي رهيو هو.

 

ببو برال 1982 ۾ گوجرانواله کان سندس ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هن ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ اداڪاري جا جلوا ڏيکاريا. اسٽيج جي دنيا ۾ ببو برال جا ڪيترا ئي مداح هئا.