{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ناليوارو فنڪار معين اختر لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو فنڪار معين اختر لاڏاڻو ڪري ويو

ويچار ڊيسڪ
April 23rd, 2011

اسٽيج، ٽي وي ۽ ٿيٽر جو ناليوارو فنڪار جمعه جي شام مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. معين اختر طويل عرصي کان دل جو مريض هو، سندس باءِ پاس جو آپريشن پڻ ٿيو. معين اختر کي جمعه ڏينهن منجهند جي وقت وهنجڻ مهل تڪليف محسوس ٿيڻ بعد مقامي اسپتال پهچايو ويو. معين اختر اسپتال پهچڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر 61 سال هئي.

 

معين اختر گذريل سالن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا فنڪاري جي دنيا کي الوداع چوڻ بعد وري ساڳئي دنيا ۾ قدم رکيو. معين اختر سندس ڪيريئر 1960 جي ڏهاڪي ۾ شروع ڪيو ۽ ”انتظار فرمائيي“ سميت 1970 جي ڏهاڪي جي مشهور ڊرامن ۾ ليڊ رول پڻ ادا ڪيا. جڏهن ته ڪيترن ئي مشهور اسٽيج ڊرامن ۾ سندس اداڪاري جا جاه و جلال ڏيکاريا، معين اختر کي پرائيڊ آف پرفارمنس سان نوازيو ويو. معين اختر جي وڇوڙي سان شوبز جي دنيا ۾ سندس ڪيترن ئي دوستن کي افسوس ٿيو آهي. اداڪار قوي خان کيس ليجنڊ قرار ڏيندي چيو آهي ته شوبز جي دنيا ۾ معين اختر جو خال شايد ڀرجي نه سگهندو.