{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > سال 2011 نقصان وارو سال، 4 مهينن ۾ 5 فنڪار لاڏاڻو ڪري ويا

سال 2011 نقصان وارو سال، 4 مهينن ۾ 5 فنڪار لاڏاڻو ڪري ويا

ويچار ڊيسڪ
April 23rd, 2011

اِهو سال پاڪستاني شوبزنس لاءِ نقصان وارو سال ثابت ٿيو آهي. 4 مهينن دوران 5 فنڪار لاڏاڻو ڪري ويا آهن. 3 فيبروري تي خيام سرحدي، 30 مارچ تي لياقت سولجر، 11 اپريل تي مستانو، 15 اپريل تي ببو برال ۽ 22 اپريل تي معين اختر فاني دنيا ڇڏي ويا. اتفاق سان سڀنيءَ فنڪارن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن.

 

سڀنيءَ فنڪارن مان چار فنڪار لياقت سولجر، مستانو، ببو برال ۽ معين اختر کلڻي ملڻي طبيعت جا مالڪ ۽ مزاحيه فنڪار هئا. ٻه فنڪار معين اختر ۽ ببو برال جمعه ڏينهن فوت ٿيا. 3 فنڪار معين اختر، لياقت سولجر ۽ خيام سرحدي دل جي بيماري جي ڪري فوت ٿيا جڏهن ته 2 فنڪار مستانو ۽ ببو برال کي جگر جي بيماري هئي.

 

خيام سرحدي جي ڄمار 62 سال ۽ معين اختر جي 61 سال هئي. ٻنهيءَ فنڪارن کي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 

ببو برال جي عمر 47 سال ۽ مستاني جي عمر 57 سال هئي. خيام سرحدي ۽ معين اختر ٻنهيءَ ٻه ٻه شاديون ڪيون. 3 فنڪارن لياقت سولجر، ببو برال ۽ مستاني غربت جي زندگي پڻ گذاري. 2 فنڪار معين اختر ۽ لياقت سولجر ڪراچي ۾ ۽ 2 فنڪارن خيام سرحدي ۽ ببو برال لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.