{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ايم ايف حسين لاڏاڻو ڪري ويو

ايم ايف حسين لاڏاڻو ڪري ويو

ويچار ڊيسڪ
June 9th, 2011

وڏي کنڊ جي مشهور مصور ايم ايف حسين لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ايم ايف حسين ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو. 96 سالن جو ايم ايف حسين هندو تنظيمن جي ڪري سندس زندگي جا آخري ڏينهن سندس گهر ۽ ملڪ کان پري گذارڻ تي مجبور هو.

 

فن مصوري جا ماهر، سندس چاهيندڙ ۽ مذمت ڪندڙ ماڻهو تسليم ڪندا آهن ته هندستان جي ماڊرن آرٽ کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جو اعزاز ايم حسين کي حاصل آهي. ايم ايف حسين کي هندستاني ڪلچر، هتان جي ديو مالائي ڪهاڻين، لوڪ گيت ۽ گنگا جمني تهذيب سان محبت هئي جن کي سُٺي طرح سمجهندو هو. کيس هندستان جو عظيم ترين فنڪار مڃيو وڃي ٿو.

 

ايم ايف حسين جي ڪجهه تڪراري تصويرن جي ڪري هندو تنظيمون کيس ڌمڪيون ڏينديون رهيون. ڪيترا ئي ڀيرا سندس نمائش تي بجرنگ دل جهڙين هندو تنظيمن حملا ڪري ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي.

 

هن حوالي سان ايم ايف حسين خلاف ڪيترا ئي ڪيس پڻ هلندا رهيا ۽ نيٺ احتجاجي مظاهري طور قطر جي شهريت حاصل ڪرڻ بعد لنڊن لڏپلاڻ ڪيائين.

 

گذريل ڪجهه سالن کان هندستان ڪونه وڃي سگهيو. 95 سالن جي عمر تائين ايم ايف حسين پينٽنگ ڪندو رهيو انڪري ايم ايف حسين صاحب وٽ وڏا وڏا پراجيڪٽ هئا جن تي اڃان تائين ڪم ڪري رهيو هو.