{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > دبنگ بالي وڊ آسڪرز جو ميلو ماري ورتو

دبنگ بالي وڊ آسڪرز جو ميلو ماري ورتو

ويچار ڊيسڪ
June 28th, 2011
5 / 5 (3 Votes)

انسپيڪٽر چلبل پانڊي ”سلمان خان“ جي فلم بالي وڊ آسڪر ايوارڊ جو ميلو ماري ورتو آهي. دبنگ کي سال جي بهترين فلم، بهترين ميل ۽ فيميل پلي بيڪ سنگرز، بهترين ميوزڪ ڊائريڪشن ۽ بهترين اسڪرين پلي جي ايوارڊن سان نوازيو ويو.

 

بالي وڊ آسڪرز ”انڊين انٽرنيشنل فلم اڪيڊمي“ جي 12 هين سالياني ايوارڊز جو فيسٽيول پهريون ڀيرو ڪئناڊا جي شهر ٽورانٽو ۾ منعقد ٿيو. ابي نائو ڪاشف جي ڊائريڪشن ۾ تيار ٿيل فلم دبنگ گذريل سال سيپٽمبر ۾ ريليز ڪئي وئي. فلم ۾ ولن جو ڪردار نڀائيندڙ سونو سود کي به بيسٽ ايڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

 

ان فلم جي ڪهاڻي جو محور هڪ اهڙو البيلو، خوش طبع ۽ کلڻي ملڻي طبيعت وارو انسپيڪٽر سلمان خان آهي جيڪو قانون جي پابندي نٿو ڪري ۽ هڪ شرابي جي ڌيءُ سان پيار ڪري ٿو. سلمان خان ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪونه ڪئي. چيو پيو وڃي ته سلمان خان ڪرينه ڪپور سان ”باڊي گارڊ“ نالي ايڪشن ۽ رومانوي فلم جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي.

 

دبنگ ۾ ”مني بدنام هوئي“ گاني تي ممتا شرما جي حصي ۾ بيسٽ فيميل پلي بيڪ سنگر جو ايوارڊ آيو. ان کان علاوه فلم ماءِ نيم از خان کي بيسٽ اسٽوري، بيسٽ ميوزڪ، بيسٽ ايڪٽر شاه رخ خان ۽ بيسٽ ڊائريڪٽر ڪرن جوهر کي ايوارڊ ڏنا ويا. ڪرن جوهر ايوارڊ حاصل ڪرڻ بعد چيو ته هڪ اهڙي مسلمان جي ڪهاڻي تي فلم ٺاهڻ سندس لاءِ جذباتي ڪم هو جيڪو آمريڪا ۾ شامت جو شڪار ٿيو.

 

ڪرن جوهر جو چوڻ آهي ته انهيءَ فلم سان کيس برداشت ۽ محبت جو درس مليو آهي. شاه رخ خان، انيل ڪپور، ديول خاندان کان علاوه آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ هيلري سوانڪ ۽ ڪيوبا گوڊنگ جونيئر سميت ڊزن کان وڌيڪ فنڪارن انهيءَ تقريب جو مان مٿانهون ڪيو. بالي وڊ جي ڪنگ خان 6 سال بعد ڪنهن ايوارڊ شو ۾ شرڪت ڪئي آهي. اڄڪلهه شاه رخ خان گوڏي جي سور ۾ مبتلا آهي.