{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شاهه رخ سڀ کان مهانگي هيروز جي لسٽ ۾ نمبر ون

شاهه رخ سڀ کان مهانگي هيروز جي لسٽ ۾ نمبر ون

ويچار ڊيسڪ
September 7th, 2011
5 / 5 (2 Votes)

هونئن ته بالي ووڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسا ڪمائي ڏيڻ وارو اسٽار سلمان خان آهي، پر پئسا وٺڻ ۾ ڪنگ خان شاهه رخ خان هينئر تائين سڀنيءَ هيروز کان اڳتي آهي. وڏي اسڪرين جي هر فنڪار جو خواب آهي ته اُهو سڀ کان وڌيڪ پئسا ڪمائيندڙ اسٽار بڻجي وڃي جيڪو جيترو مهانگو آهي اوترو ئي وڏو اسٽار سڏائي ٿو انڪري پروڊيوسر هن هيرو کي پنهنجي فلم ۾ سائن ڪندي ڪيترا ئي ڀيرا غور ڪندا آهن انڪري سڀنيءَ اداڪارن اِهو حل ڳولي ورتو آهي ته اُهي فلمن جي منافعي جا حصيدار بڻجڻ لڳا آهن.

 

پئسن جي حساب سان خان هيروز سڀ کان اڳتي آهن. بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان يش راج فلمز جي ڌوم ٿري لاءِ پرافٽ ورتو، جڏهن ته کانئس اڳتي ڪنگ خان شاهه رخ آهي جنهن فلمساز ساجد نڊياڊوالا جي نئين فلم چيتن ڀگت جي ناول جي ٽوسيٽس ۾ 60 سيڪڙو پرافٽ شيئر گهريو آهي هن سان گڏ ڪرينه ڪپور، مڌر ڀنڊارڪر جي فلم هيروئن ۽ شاهد ڪپور موسم ۾ پرافٽ شيئر گهريو آهي.