کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > اوبامه ايڪٽر بريڊ پِٽ ۽ هلري انجلينا جولي جي مائٽ

اوبامه ايڪٽر بريڊ پِٽ ۽ هلري انجلينا جولي جي مائٽ

وچار ڊيسڪ
March 26th, 2008

هي عجيب خانداني اجلاس ٿيندو: باراڪ اوبامه ايڪٽر بريڊ پِٽ جو پري جو ڪزن آهي ۽ سندس ذال. گرل فرينڊ انجلينا جولي هلري ڪلنٽن جي ڪزن آهي.

 

نيوز انگلينڊ هي هسٽاريڪل جينولا جيڪل سوسائٽي آمريڪا جي ٽن اُميدوارن، اوبامه، هلري ڪلنٽن ۽ جان مڪين جي عجيب جا عجيب مائٽ تلاش ڪرڻا آهن.

 

هلري ڪلنٽن سندس ماءُ پاران ڪئنيڊين آهي ۽ هن پاسي کان مشهور سنگر ميڊونا به سندس پري جي ڪزن آهي. اوبامه جي ماءُ ڪناس هڪ انگريز عورت هئي ۽ سندس نسل 6 آمريڪي صدرن سان ملندي آهي جن ۾ جارج ڊبليو بش به شامل آهي. جان مڪين بش جي ذال لارا جو ڪزن آهي.

 

جنيالوجسٽ ڪرسٽوفر چائلڊ جو چوڻ آهي ته اها سياسي اُميدوار سندن فرق جون دانهون ڪندا آهن پر اهي هڪ ٻئي کان ايترا مختلف ناهن.

 

اوبامه جي مائٽن ۾ ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽ صدرن جي لائن آهي. سندس پَري جي ڪزنز ۾ جارج ڊبليو بُش، سندس پيءُ جارج ايڇ بش، فورڊ، لنڊن بي جانسن، هيري ٽرومين ۽ جيمز ميڊيسن جا نالا آهن. اُوبامه جي ڪزنز ۾ نائب صدر ڊڪ چيني ۽ برطانيا جو مشهور وزير اعظم ونسٽن چرچل ۽ سول وار جرنيل رابرٽ لي جو نالو به شامل آهي.

 

چائلڊ صاحب ٽن سالن تائين انهن رشتن جي جاچ ڪئي آهي. سندس مدد گيري بوائڊ رابرٽ به ڪئي آهي جنهن آمريڪي صدرن جي نسل جي جاچ ڪري هڪ ڪتاب به لکي آهي.

 

شهزادي چارلس جي ذال ڪاميلا پارڪر بائولز به هلري جي پري جي ڪزن آهي.

 

اوبامه ۽ بش 10 لڙي کان هڪ ٻي جا ڪزن آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com