بالي وڊ جي مشهور اداڪار عامر خان جو 2008ع ۾ بيجنگ اولمپڪس جي مشعل کڻي ڊوڙڻ وارو فيصلو ان ڏينهن ملڪ گير سطح تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. ڪجهه ڏينهن پهريان ممبئي ۾ هڪ تبت نواز گروپ جي نمائندي ڌمڪي ڏئي عامر خان تي دباءُ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته هو اولمپڪس جو بائيڪاٽ ڪري.
اڄ ان مامري ۾ پهريون ڀيرو سندس خاموشي ٽوڙيندي عامر خان چيو آهي ته مونکي تبت جي عوام جي جاکوڙ سان همدردي آهي، سندس خيال آهي ته راند رڳو چين جو حق ناهي. وري به هو اولمپڪس جي مشعل کڻي ڊوڙيندو. عامر خان تبتي نظاهرين جي اولمپڪس بائيڪاٽ ڪرڻ جي گزارش کي رد ڪيو آهي.
عامر خان جي مطابق تبت جي عوام کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جڏهن هو 17 اپريل تي ڀارت جي دارالعلوم دهلي ۾ اولمپڪس جي مشعل کڻي ڊوڙيندو ته سندس عمل کي چين جي حمايت نه سمجهيو وڃي پر سندس دل مان تبتي ماڻهن لاءِ دعائون نڪرنديون. عامر خان وڌيڪ چيو آهي ته هو تبتي عوام جي آزادي جي جاکوڙ کي سمجھندي ان جو احترام ڪندو آهي.
ياد رهي ته تبت ۾ چيني حڪومت جي جارحانه ڪاروائي جي خلاف احتجاج ۾ ڀارتي فٽبال ٽيم جي ڪپتان بائي چنگ ڀوٽيا اولمپڪ راندن جي مشعل سان گڏ ڊوڙڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڀارتي اولمپڪس ايسوسي ايشن دهلي ۾ اولمپڪس مشعل کي ڀليڪار چوڻ لاءِ مختلف نوعيت جا پُرڪشش پروگرام منعقد ڪيا آهن.
ڀارتي اولمپڪس ايسوسي ايشن مشتل جي قافلي سان گڏ ڊوڙڻ لاءِ راندن جي دنيا کان علاوه ٻين شعبن سان منسلڪ اهم شخصيتن کي دعوت ڏني آهي. جنهن ۾ مشهور ٽئنس رانديگر لينڊر پيئس ۽ ملڪ جي بيمثال خاتون پوليس ڪرن بيدي جو نالو سرفهرست آهي.
عامر خان راندن تي مبني ڪيتري فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، ”لگان“ ”اول نبمر“ ۽ ”جو جيتا وهي سڪندر“ جهڙي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.