کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > قطرينه ۽ ڪرينه ”جنگ“

قطرينه ۽ ڪرينه ”جنگ“

ريحانه بستي والا
April 10th, 2008
5 / 5 (1 Votes)

مُڇون هجن ته.....

 

ڪڏهن اميتاڀ بچن سندس فلم شرابي ۾ چيو هو پر هاڻي ته سموري فلم انڊسٽري وارا چئي رهيا آهن ته مُڇون هجن ته اجي ديوگن جهڙيون. اڄڪلهه اجي ديوگن سندس مُڇن جي تعريف ڪندي تسليم ڪيو آهي ته هن جنهن به فلم ۾ مُڇون رکيون اُها فلم ڪامياب ٿئي ٿي.

 

اوم ڪارا، گنگا جل ۽ ڪمپني. رڳو ان ڪري هاڻ اجي سندس هدايت ۾ ٺهيل فلم يو مي اور هم ۾ شگون جي طور تي مُڇون نه ڪوڙائيندو. توهان ڏٺو ته ان فلم جو دارومدار مُڇن تي قائم آهي. واهه سائين واهه، مُڇون هجن ته اجي ديوگن جهڙيون.

 

”اڪشي سڀ کان مهانگو ميزبان“

 

اڪشي ڪُمار، شاه رُخ خان ۽ اميتاڀ بچن کان به مهانگو ميزبان بڻجي ويندو. هينئر تائين اميتاڀ بچن ۽ شاه رُخ خان کي ٽي وي شوز جي ميزباني ڪرڻ لاءِ سڀ کان گهڻي رقم جي آڇ ڪئي وئي پر هاڻ اڪشي ڪُمار انهن کان اڳتي نڪري ويو آهي. هو ريالٽي شو ”فيئر فيڪٽر“ جي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ وٺندو.

 

”سيف جي ديوانگي“

 

اسين سيف ۽ ڪرينه جي ديوانگي جون ڳالهيون نٿا ڪريون، سيف کي هڪ ٻيو جنون آهي ۽ اُهو جنون آهي نئيون ڪارون. سيف ڪجهه عرصو پهريان ڪاري رنگ جي آڊي خريد ڪئي هئي پر فورڊ ڏسڻ کانپوءِ هو ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ هن سندس فلم ريس جي نمائش واري ڏينهن 3 ڪروڙ رپين ۾ فورڊ خريد ڪئي. اهو ٻڌائڻ اڄايو هوندو ته هو ڪنهن نه ڪنهن سان لانگ ڊرائيو تي ويو هوندو.

 

”سلو جو فيشن برانڊ“

 

سلمان خان پهريان اداڪار پوءِ مصور، وري ڪهاڻي ڪار ۽ هاڻ فيشن جي دنيا ۾ قدم رکڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. انڊسٽري ۾ اسٽائل جي سبب مشهور سلمان سندس ڀيڻ الويرا سان، جيڪا پهريان کان ئي ڊريس ڊزائينر آهي، گڏجي ڪري ڊريس ڊزائين ڪندو ۽ بعد ۾ انهن ڪپڙن ۽ انهن سان گڏ استعمال ٿيندڙ شئين کي سندس نالو ڏيندو.

 

”جنت“ ۾ هنگامو

 

ڪرڪيٽ مئچ فڪسنگ تي مبني فلم ”جنت“ تي سينسر بورڊ کي سخت اعتراض آهي. ان فلم ۾ مئچ فڪسنگ تي داءُ لڳائيندڙ عمران هاشمي جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽر ۽ پروسٽيٽيوٽ (جسم جو ڪاروبار ڪندڙ) عورت ۾ گهڻو فرق ناهي، جواني ختم ته ڪهاڻي ختم. بورڊ جي مرضي آهي ته پروسٽيٽيوٽ بدران فلم اسٽار لکيو وڃي. هدايت ڪار ڪنال ديش مُک اها لائن تبديل ڪرڻ جي موڊ ۾ ڪونه هيو پر هن کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو. ان باري توهانجي ڇا مرضي آهي؟

 

”ڪرينه، قطرينه ۾ جنگ“

 

جنگ جو مطلب آهي ته ٻنهي جي درميان سخت مقابلو آهي. ٻنهي هيروئنز جي درميان مقابلو آهي ته ڪير ان مهل انڊسٽري جي مهانگي اداڪاره آهي. جيڪڏهن ڪرينه ڪپور ٽي وي ايٽين جي هڪ فلم 3 ڪروڙ ۾ سائن ڪئي آهي ته قطرينه به فلم ڪمپني جون 2 فلمون 6 ڪروڙ ۾ سائن ڪيون آهن.

 

اهو مقابلو ته صحيح آهي پر مين ڳالهه اها آهي ته هيروئن کي هيرو جي مقابلي گهٽ رقم ملي ٿي. ڇا ڪو به هيرو سندن رڪارڊ ٽوڙڻ جي همت ڪري سگهي ٿو؟

 

اميتاڀ بمقابلو انيل

 

صدي جي هيرو جي نالي سان مشهور اميتاڀ بچن سان مقابلو ڪندڙ ڪو ٻيو ناهي پر انيل ڪپور آهي. هو ڪردار جنهن جي لاءِ اميتاڀ بچن کي چونڊيو ويو هو، اڄڪلهه فلم ميڪر ان ڪردار جي لاءِ انيل ڪپور کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. ان جو ڪارڻ اميتاڀ جو بيشمار ڪمپنين جي اشتهارن ۾ اچڻ ٻڌايو وڃي ٿو. ان مهل جڏهن اداڪار توٿ پيسٽ ۽ تيل وڪرو ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، دليپ ڪمار، ديو آنند ۽ راج ڪپور وانگر انيل ڪپور به اشتهار جي لاءِ سندس نالو ۽ فن وڪرو نه ڪيو. سندس انهي احتياط جي ڪري اڄ ان کي اهڙو موقعو حاصل ٿيو آهي.

 

”جان پاڪستاني بينڊ ۾“

 

جان ابراهم کي توهان پاڪستاني بينڊ اسٽرنگس جي وڊيو ايلبم ۾ ڏسي سگهندئو. اهو بينڊ ڌاني چنر سان مقبول ٿيو. هونئن توهان ان بينڊ کي فلم زنده جي گاني ۾ به ٻڌو آهي. هاڻ فيصل ۽ بلاول، جان سان گڏجي ڪري نئون البم ٺاهيو آهي. گاني جا ٻول آهن ڪوئي آني والا هي.

 

”گووندا جي پريشاني“

 

گووندا فلمن ۾ سندس ٻي اننگز کيڏڻ لاءِ آيو آهي پر سندس واپسي زوردار ثابت ٿي آهي پر هاڻ ڇا ڪري سگهجي ٿو جڏهن ڪنهن به مشهور هيروئن گووندا سان ڪم ڪرڻ نٿي چاهي. عباس مستان گووندا سان گڏجي ڪري هڪ فلم ٺاهڻ چاهي ٿو پر سندس فلم ۾ سشميتا سين ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

بعد ۾ معلوم ٿيو ته ڊائريڪٽر صاحب فلم جي اسڪرپٽ سان گڏ بپاشا وٽ پهتو پر ٻڌايو پيو وڃي ته ريس فلم جي ڪاميابي جي باوجود بپاشا ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. گووندا کي ٻه شئيون تبديل ڪرڻ گهرجن. هڪ ته سندس وزن ۽ ٻيو فلم جي سيٽ تي دير سان اچڻ. ٿي سگهي ٿو ته اهي شئيون تبديل ڪرڻ کانپوءِ شايد سندس حالات بهتر ٿي ويندا.

 

”جهڙي کي تهڙو“

 

انڊسٽري ۾ مشهور آهي ته اڪشي سدائين فلم سيٽ تي ماڻهن کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ مذاق ڪندو آهي. اسان توهانکي ٻڌايو هو ته ڪيئن اڪشي ڪُمار فلم ڀول ڀليان جي سيٽ تي وديا بالن کي فون تي پاڻ کي بي بي سي جو رپورٽر ٻڌائي سندس انٽرويو ورتو هو. هاڻ فلم تشان جي سيٽ تي سڀني گڏجي ڪري هن سان مذاق ڪيو. ان فلم ۾ اڪشي ڪُمار (بچن پانڊي) نالي جي مقامي غنڊي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 

سيٽ تي اڪشي کي هڪ سين ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر هدايت ڪار هر شاٽ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري ساڳيو شاٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رهيو. گهڻي دير تائين اهو سلسلو جاري رهيو ۽ پوءِ اڪشي کي معلوم ٿيو ته هن سان مذاق ٿي رهيو آهي. اڪشي لڄي ٿيو، پر اسان توهانکي خبردار ڪري رهيا آهيون ته اڪشي جي بدلي کان ڪو به نٿو بچي سگهي..... اڪشي اوستائين خاموش نه رهندو جيستائين بدلو نه وٺندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com