پردي تي مقابلو ڪرڻ بدران هاڻ اسٽارز جي جنگ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ٿيندي ٿيڻ واري آهي. اسين تسليم ڪندا آهيون ته شاه رخ خان ۽ پريتي زنٽا انڊين پريميئر ليگ ٽيمون خريد ڪيون آهن پر هن سان گڏ اڪشي ڪمار، رتيڪ روشن، قطرينه ڪيف ۽ زائيد خان به ميدان ۾ لهي پيا آهن.
ڏسو شاه رخ خان سندس ٽيم جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو ميوزڪ ايلبم تيار ڪرايو ۽ وڌيڪ تياري به ڪئي آهي. پريتي زنٽا به سندس ڪرڪيٽ ٽيم جو حوصلو وڌائڻ لاءِ دلير مهدي سان گڏجي ڪري ايلبم ٺاهيو.
ليگ جي ٻين ٽيمن جي مالڪن سوچيو ته فلمي دنيا جي ستارن جي سبب سندن فلمون پوئتي نه رهجي وڃن ته دهلي ٽيم اڪشي ڪمار کي ميدان ۾ شامل ڪيو. قطرينه ڪيف ۽ زيد خان بنگلور ٽيم ۾ پهچي ويا. پوءِ صنعت ڪار مڪيش امباني ڪنهن کان پوئتي ڇو رهي ها، هن رتيڪ روشن کي سندس ٽيم ۾ ايلبم ٺاهڻ لاءِ راضي ڪري ورتو.
روزانو سندس چارٽرڊ جهاز رتيڪ کي ممبئي کان ڪرجت کڻي ويندو آهي جٿي ميوزڪ البم جي شوٽنگ ٿي رهي آهي. ڪيستائين لکندا سين. اسانکي اندازو آهي ته ڪرڪيٽ مقابلو نه پر اسٽارز وار بڻجي ويو آهي.
”شاهد ۽ ثانيه“
اڄڪلهه شاهد ڪپور ۽ ٽئنس جي پرڪشش رانديگر ثانيه مرزا جي دوستي جي باري چوٻول ٿي رهيا آهن. ٻنهي بنگلور ۽ ممبئي ۾ گڏجي ڊنر ڪيو. ٻئي آئوٽنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر ويا.
اسانکي خبر نه آهي ته ٻنهي ۾ رڳو دوستي آهي يا هن کان به ڪجهه وڌيڪ آهي، پر اها ڳالهه طئي آهي ته جيستائين ٻنهي کي سندن ساٿي نه ملندو اوستائين روزانو هڪ نئين خبر ته جنم وٺندي رهندي. هونئن توهان ٻنهي جي جوڙي به گهٽ شاندار نه آهي. توهانجو ڇا خيال آهي؟
”منهنجي جينس موٽائي ڇڏيو“
ويچارو جيڪي شروف ورهين کان هر مهيني انل ڪپور کي درخواست ڪندو آهي پر انل ڪپور سندس جينس موٽائڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، دراصل انل ڪپور، جيڪي شروف جي هڪ خاڪي ۽ ٻي ڪاري رنگ جي جينس ورهين پهريان فلم وراثت ۾ پائي ڪم ڪيو هو. فلم ڪامياب ٿي. هن کانپوءِ انل ڪپور، جيڪي شروف جي جينس کي لڪي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي انل ڪپور پنهنجي هر فلم ۾ خاڪي جينس ضرور پائيندو آهي.
انيل ڪپور انهن جينس کي خزاني وانگر سنڀاليندو آهي. هن اها جينس سندس فلم ٽشن ۾ به پائي آهي. توهان هن ناياب جينس جو نظارو ڪرڻ چاهيندا آهيو ته پوءِ اها فلم ضرور ڏسجو.
”سلمان ٽي وي شو ۾“
شاهه رخ کانپوءِ هاڻ سلمان خان به ٽي وي شو ڪندو. حيراني جي ڳالهه آهي نه! جي ها کيس سوني ٽي وي 89 ڪروڙ رپين ۾ هڪ ٽي وي شو ڪرڻ لاءِ سائن ڪيو آهي. 22 قسطن وارو اهو شو آمريڪي گيم شو ”پاور آف ٽين“ جي نقل آهي ۽ هن جو انڊين نالو ”دس ڪا دم“ هي.
حالانڪ سلمان اهو شو ڪرڻ لاءِ بيتاب آهي پر سلمان صاحب سندس راتين جون پارٽيون قربان ڪري رهيو آهي. ڏينهن ۾ فلم جي شوٽنگ ۽ رات ۾ شو جي ريهرسل. هاڻ نتيجو اهو آهي ته سلمان ريهرسل ڪرڻ کانپوءِ سندس وين ۾ سمهي پوندو آهي. جٿي ”ڊو ناٽ ڊسٽرب“ جو بورڊ لڳايو وڃي ٿو. اسان به ادا سلو جي هن قرباني ۽ محنت کي ڪامياب ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا، ڇا توهان اسان سان گڏ آهيو.
”بگ ٽور“
اميتاڀ بچن اينڊ فيملي ٽور يعني اڀيشيڪ بچن، جيا بچن ۽ ايشوريه راءِ وز ڪرافٽ ڪمپني جي ”ان فور گيٽبل ٽور“ تي وڃي رهيا آهن. نه نه، هو تفريح لاءِ ڪونه وڃي رهيا آهن بلڪ ٽور ۾ ڪيترا ئي فلمي اسٽار رهندا ۽ هي ٽور آمريڪا لنڊن جو دورو ڪندو.
پر جڏهن هن ٽور جو اعلان ڪيو ويو، ڪجھه نه ڪجھه گڙبڙ ٿي رهي آهي. پهريان اڪشي ڪمار ٽور کان ٻاهر نڪري ويو هن کانپوءِ هو راضي ٿيو، پوءِ بپاشا باسو ۽ هن کانپوءِ لارا دته انڪار ڪريو. ٻنهي جو مڃڻ آهي ته هن ٽور ۾ ايشوريه تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو ۽ انهن کي اوتري عزت ۽ مرتبو نه ڏنو ويندو. جڏهن اهو ٽور فيملي ٽور بڻجي ويو آهي ته پوءِ ائين ته ٿيڻو ئي هيو.
”دپيڪا جي لڄُ“
ديپيڪا پادوڪون شرمائيندي به آهي. اسين فلم جي پردي باري نٿا ڳالهايون هتي ته اداڪاري لاجواب ٿيندي آهي. پر اسين فلم جي سيٽ باري ڳالهائي رهيا آهيون. ديپيڪا اڪشي سان گڏ بنڪاڪ ۾ فلم ”چاندني چوڪ ٽو چائنا“ جي شوٽنگ ڪري رهي هئي. سيٽ تي اچانڪ رنبير ڪپور به پهچي ويو. ديپيڪا کي اڪشي سان گڏ رومينٽڪ ڳالهيون ڪرڻيون هيون ۽ ڪجهه اهڙا سين ڪرڻا هئا جيڪي رنبير جي سامهون ڪرڻ کان گهٻرائي پئي. ڪيترا ئي ري ٽيڪ ٿيا. هر شاٽ کانپوءِ ديپيڪا رنبير وٽ پهچي ويندي هئي. اڪشي تمام گهڻو ناراض ٿيو، خبر نه آهي ته ري ٽيڪ جي سبب يا...................
”هڪ ٻيو خان“
بالي وڊ جي 4 مشهور خان کان علاوه هاڻي هڪ نئون خان سندس قسمت آزمائي رهيو آهي. انهن ۾ ريحان خان به آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو خان ڪڏهن سپاٽ بواءِ ۽ ڊرائيور هيو جيڪو فلم ”ڪروڪ شيتر“ ۾ ڊائيريڪٽر مهيش مانجريڪر سندس گهر کان وٺي اچڻ ۽ وٺي وڃڻ جو ڪم ڪندو هيو. هاڻ هو فلم ”فاسٽ فارورڊ“ ۾ هيرو آهي ۽ ساڳيو مهيش مانجريڪر سندس آڏو ويلن آهي، واقعي زندگي تمام فاسٽ آهي.
”عدنان جي مشڪل“
عدنان سميع خان، سنجي ليلا ڀنسالي جي ڀيڻ بيلا سهگل جي فلم ۾ بطور هيرو ڪم ڪرڻ وارو هو پر هاڻ هو ڪم نه ڪري سگهندو؟ ان جو سبب هو پاڻ آهي. فلم جي اسٽوري اها هُئي ته هڪ موسيقار جيڪو تمام فري آهي، هن سان گڏ هڪ نازڪ ڇوڪري محبت ڪندي آهي ۽ پوءِ هو ڇوڪري کيس وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي. عدنان فلم شروع ٿيڻ کان پهريان ئي سندس سئو ڪلو کان به گهڻو وزن گهٽائي ڇڏيو. هاڻ ڇا ٿيندو. عدنان ٻيهر سندس وزن وڌائڻ لاءِ تيار ڪونه آهي.