کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > اميتاڀ بچن بلاگ جو آغاز ڪيو

اميتاڀ بچن بلاگ جو آغاز ڪيو

وچار ڊيسڪ
April 21st, 2008

بلاگ انٽرنيٽ تي موجود اُها ذاتي ڊائري آهي جنهن جو استعمال دنيا جا ڪروڙين ماڻهون پراپيگنڊه يا نظرياتي تشهير لاءِ ڪندا آهن. انٽرنيٽ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته بلاگ لکندڙ ماڻهن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ هر سيڪنڊ ۾ هڪڙو بلاگ لکيو ويندو آهي. ۽ هاڻ بلاگرز جي سمڊ ۾ ڀارت جي سُپر اسٽار اميتاڀ بچن به قدم رکيو آهي.

 

بالي وڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن تازو ئي سندس مداحن سان رابطو قائم ڪرڻ لاءِ جديد دور جي ايجاد بلاگ جو سهارو ورتو آهي. واضع رهي ته عامر خان هندي فلم انڊسٽري جو پهريون اداڪار آهي جنهن بلاگ لکڻ شروع ڪيو هو. عامر خان کي ڏسي يا پنهنجي ڪنهن اديبانه جذبي جي تسڪين لاءِ 18 اپريل تي اميتاڀ بچن به سندس زندگي جو پهريون بلاگ لکيو.

 

نه وسارڻ کپي ته اميتاڀ جو والد هري ونش بچن هندي جو مقبول شاعر به هيو. پر اميتاڀ بچن سندس بلاگ کي پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيڻ به لاءِ استعمال ڪندو آهي. مثال جي طور تي تازو ئي ڪجهه ڏينهن پهريان ممبئي ۾ مهاراشٽر جي سياسي جماعت نو نرمان سينا اُتر هندستان جي باشندن جي خلاف هڪ مهم هلائي هئي جنهن جي دوران اميتاڀ جي رهائش گاهه تي به حملو ڪيو ويو هو. پوءِ جڏهن هڪ بلاگر کائنس اهو سوال پڇيو ته ڇا سندس بنگلي تي حملي جي خبر بي بُنياد هئي ته اميتاڀ جوابي بلاگ ۾ چيو هو ته مون وٽ وڊيو ۽ تصويرن تي مبني ثبوت آهن جيڪي ثابت ڪندا آهن ته سندس گهر تي بوتل اُڇلائي حملو ڪيو ويو هو.

 

اميتاڀ بچن وڌيڪ چيو هو ته پوليس به جاچ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي تيار ڪيل رپورٽ ۾ سندس گهر تي حملي جو اعتراف ڪيو آهي. پر هن آزاد ملڪ ۾ هر هڪ کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق حاصل آهي

 

بالي وڊ ۾ چار ڏهاڪن کان ڪم ڪندڙ اميتاڀ اٽڪل 100 کان به وڌيڪ فلمن ۾ بطور هيرو ڪم ڪيو آهي. اميتاڀ کي ڀارت ۽ عالمي سطح تي به مقبوليت حاصل آهي. حياتي جي 66 بهارون ماڻيندڙ اميتاڀ بچن هاڻ سندس مداحن سان بلاگ جي ذريعي رابطو قائم ڪري سندس ذاتي زندگي ۽ فلمن سان لاڳاپيل هر پهلو تي ڳالهيون ۽ بحث ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 

سوال اميتاڀ بچن جي نئين فلم جي باري هجي يا هن جيا سان شادي ڇو ڪئي يا وري هي تنقيد ته هجي ته بلاگز جي ذريعي ڇا هو پنهنجي سياسي حريفن سان عوامي پليٽ فارم تي جنگ وڙهندو، اميتاڀ بچن هر هڪ فرد کي سندس نالي سان جواب ڏئي رهيو آهي. آچر تي بگ بي جي پُٽ اڀيشيڪ ۽ ايشوريه جي شادي جي پهرين سالگره آهي ۽ اميتاڀ بچن ان باري خاص جانڪاري ۽ سندس ذاتي تاثر بلاگ تي فراهم ڪيا آهن.

 

اميتاڀ بچن بلاگ ذريعي ايمانداري سان هر سوال جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اميتاڀ بچن جي بلاگز تي ميڊيا جون اکيون آهن ان ڪري اميتاڀ بچن جي بلاگ سان لاڳاپيل ننڍي خبر کي به ميڊيا ڪوريج ڏنو پيو وڃي. بقول اميتاڀ بچن جي ته بلاگ ذريعي مداحن کي اصل زندگي جي اميتاڀ سان روبرو ٿيڻ جو موقعو ملندو.    

 


 

 

Powered by: PHPCow.com