بالي وڊ سپر اسٽار عامر خان نيٺ ايوارڊ وٺڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ کيس ڀارتي سينما جي خدمت عيوض اهو ايوارڊ لتا منگيشڪر ڏنو آهي. لتا منگيشڪر پنهنجي والد دينا ناٿ منگيشڪر جي نالي سان هڪ ٽرسٽ ٺاهيو آهي ۽ هن ٽرسٽ عامر خان کي اهو ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. عامر جيڪو حيدرآباد ۾ پنهنجي نئين فلم گجني جي ري ميڪ لاءِ شوٽنگ ڪري رهيو هو.
کيس سئو ڪلوگرام وزني ماڻهون کي کڻڻو هو جنهن جي لاءِ هو ڪافي عرصي کان تربيت حاصل ڪري رهيو هو پر اچانڪ سندس پير ترڪڻ سبب هو زخمي ٿي ويو ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو پر هن جي باوجود هو ايوارڊ وٺڻ لاءِ خمس تي ممبئي پهچي ويو.
عامر علي خان لتا منگيشڪر کان ايوارڊ قبول ڪندي چيو ته ”هي سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته لتا ديوي جي هٿان کيس اهو ايوارڊ مليو“. سندس چوڻ هو ته هو زخمي ٿيو آهي سندس هڪ ڄنگهه ۾ سُور آهي پر هو ايوارڊ وٺڻ لاءِ وهيل چيئر تي به اچي سگهندو هو.
لتا منگيشڪر جيڪا پنهنجي جادوئي آواز سبب دنيا ۾ مشهور آهي، هن جو چوڻ آهي ته عامر خان جي آواز تمام سُريلي آهي. هن عامر خان کي سندس فلم غلام ۾ ”آتي هي ڪيا کنڊالا“ گائيندي ٻڌو ته هو حيران ٿي وئي. هن چيو آهي ته هو عامر خان جي فين آهي. عامر هن کانپوءِ ٻين ڪيترين فلمن کان علاوه پنهنجي فلم ”تاري زمين پر“ ۾ به گيت ”بم بم بولي مستي مين ڊولي“ گايو آهي.
عامر کي ايوارڊ قبول ڪندي ڏسي سموري فلم انڊسٽري حيران آهي ڇاڪاڻ ته عامر خان فلم ”رنگيلا“ کانپوءِ اڄ تائين ڪنهن به ايوارڊ پروگرام ۾ نه شرڪت ڪندو آهي نه وري ايوارڊ قبول ڪيو آهي. عامر خان جو چوڻ آهي ته مونکي ايوارڊ ڏيندڙ اداري جو طريقو پسند ناهي. ان ڪري هن ڪڏهن به ڪنهن فلمي ايوارڊ پروگرام ۾ شرڪت ڪونه ڪئي نه وري ايوارڊ ورتو.
تازو ئي عامر خان جي فلم ”تاري زمين پر“ کي الاهي ايوارڊز سان نوازيو ويو پر هن ڪڏهن به ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪونه ڪئي. سندس فلم ”لگان“ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿئي ۽ غير ملڪي زبان جي پنج فلمن ۾ به شامل ٿي هئي. عامر خان هن فلم جي تشهير لاءِ البته سرگرم رهيو آهي پر هو بالي وڊ پاران ايوارڊ پروگرام جو بائيڪاٽ ڪندو رهيو آهي.