ممبئي جو سرحدي علائقو ڪرجت خبرن ۾ مشهور آهي. هن جو ڪارڻ آرٽ ڊائيريڪٽر نتين چندرڪانت ديسائي جو 40 ايڪڙ زمين تي پکڙيل ”اين ڊي اسٽوڊيو“ آهي. خبر گرم آهي ته مشهور هالي وڊ ڪمپني ٽونيٽيٿ سينچري فاڪس پنهنجي هڪ مشهور ٽي وي سيريل جي شوٽنگ هن اسٽوڊيو ۾ ڪندي.
چار ڀيرو نيشنل فلم ايوارڊ حاصل ڪندڙ ديسائي پنهنجي جديد ٽيڪنالوجي سان سينگهاريل اين ڊي اسٽوڊيو کي 2005ع ۾ تيار ڪيو هو. 1942ع اي لو اسٽوري، ديوداس، هم دل دي چُڪي صنم، مشن ڪشمير ۽ جوڌا اڪبر جهڙين مشهور فلمن جي هدايت ڪار نتن ديسائي کي بالي وڊ جي دنيا ۾ ڪنهن تعارف جي ضرورت ناهي. سندس فلمن ”سلام بامبي“ ۽ ”لگان“ کي ته ڀارت پاران آسڪر ايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيو ويو هو.
ديسائي اسانجي نمائندي کي ٻڌايو آهي ته هن مهل هن وٽ هالي وڊ جا ڪجهه بهترين منصوبا موجود آهن. 20th سينچري فاڪس پنهنجي ٽي وي سيريل جي شوٽنگ هلندڙ سال آڪٽوبر جي مهيني ۾ ڀارت جي وسيع ترين اسٽوڊيو ۾ شروع ڪندي.
ديسائي، فلمن کان علاوه ٽي وي سيريلز جي لاءِ به آرٽ ڊائيريڪشن جو ڪم ڪندو آهي. فلمن ڻ سندس بهترين عارضي سيٽ کي ڏسي هاڻ هالي وڊ جا اسٽوڊيو به اين ڊي اسٽوڊيو ڏانهن رُخ ڪرڻ باري سوچي رهيا آهن.
۽ هونئن به ديسائي، هالي وڊ جي لاءِ ۽ هالي وڊ ديسائي لاءِ نئون ناهي. هو هالي وڊ جي فلم ”ماري گولڊ“ ۽ ”جنگل بُڪ“ سميت نو بين الاقوامي پروجيڪٽس جي لاءِ بطور آرٽ ڊائيريڪٽر ڪم ڪري چُڪو آهي.
والٽ ڊزني اسٽوڊيو به اين ڊي اسٽوڊيو سان رابطو قائم ڪيو آهي. والٽ ڊزي اسٽوڊيو ”قديم، موجوده ۽ مستقبل جو ڀارت“ جي موضوع تي هڪ فلم تيار ڪري رهيو آهي جنهن جي پڪچرائيزيشن 2009ع ۾ ڪرجت ۾ واقع هن مشهور ڀارتي اسٽوڊيو ۾ ڪئي ويندي.
هالي وڊ فلم ميڪرز لاءِ ڀارت جهڙي ٽين دنيا جي مُلڪن ۾ شوٽنگ ۽ پروڊڪشن جو ڪم ڪرڻ منافع بخش جوندو آهي ڇاڪاڻ هتي هالي وڊ جي مقابلي ۾ گهٽ خرچ ٿيندو آهي ۽ اعلي درجي جي معيار جو ڪم به ملندو آهي.
هيڏانهن هڪ فرانسيسي ڪمپني به بالي ديسائي اسٽوڊيو ۾ فلم ميڪنگ لاءِ سوچي رهي آهي. اُميد آهي ته ممبئي ۾ برسات کانپوءِ ڪمپني جي فلم ”ٽيمپ لار“ جي شوٽنگ ديسائي جي اسٽوڊيو ۾ شروع ڪندي.