”شاه رُخ بنام رجني ڪانت“
اڄ تائين بالي وڊ ۾ خان ڀائرن ۽ بالي وڊ جي ٻين اداڪارن ۾ مقابلو ٿيندو هو پر هاڻ شاه رُخ خان ۽ ڏکڻ هندستان جي سپر اسٽار رجني ڪانت جي درميان زبردست مقابلو آهي. ٻئي اداڪار مليالم فلم ”ڪٿا پريمبول“ جو ري ميڪ ٺاهي رهيا آهن. خان جي هندي فلم جو ٽائٽل ”بلو باربر“ آهي ۽ رجني ڪانت جيڪو سائوٿ ۾ ”باس“ جي نالي سان مشهور آهي هو ساڳئي فلم تمل ٻوليءَ ۾ ٺاهي رهيو آهي.
ظاهر طور تي هن ۾ ڪو اختلاف واري ڳالهه ڪونهي..... ادا جي ته ٽڪراءُ آهي. ٻئي پنهنجون فلمون آگست ۾ رليز ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. رجني ڪانت جي ڏکيائي اها آهي ته هو سندس تمل فلم کي هندي ۾ ڊب ڪري پيش ڪرڻ چاهيندو آهي هاڻي جيڪڏهن خان جي فلم سان رجني ڪانت جي فلم پيش ٿئي ته پوءِ ڇا ٿيندو هن جي باري توهان سڀنيءَ کي خبر هوندي.
”دوري سهي جائي نه“
انڊين موسيقارن لاءِ هاڻ شايد پاڪستاني گلوڪار ضروري ٿي ويا آهن انهيءَ سبب موسيقار پريتم، عاطف اسلم سان فلم ”قسمت ڪنڪشن“ جي سلسلي ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ پاڪستان وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. عاطف اسلم، پريتم سان گڏجي ڪري ڪيترا ئي مشهور گانا ڳايا آهن جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا آهن.
هاڻ عاطف اسلم ڪنهن سبب انڊيا نٿو وڃي سگهي انهيءَ ڪري پريتم پاڻ پاڪستان اچي رهيو آهي ۽ ” اڪ پنٿ دو ڪاج“ جي عين مطابق پريتم هتي راحت فتح علي خان جي آواز ۾ به هڪ رڪارڊنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
”اميتاڀ جي ڊاهپ“
اميتاڀ بچن به ميڊيا کان ڪاوڙيل آهي. هن چيو آهي ته ميڊيا وارا سندس ڳالهين کي ٽوڙي موڙي پيش ڪندا آهن ان ڪري هاڻ هن ٻه مختلف طريقا تلاش ڪيا آهن. هڪ اهو ته هاڻ اميتاڀ بچن پنهنجو ٽي وي عملو تيار ڪيو آهي. ۽ سندس هر پريس ڪانفرنس هر پروگرام ۾ اهو عملو موجود رهندو.
پوءِ جيڪڏهن ڪنهن چينل اميٿاڀ بچن جي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ...................... ٻيو طريقو بلاگ لکڻ جو آهي جيڪو اميٿاڀ بچن الاهي ڏينهن کان شروع ڪيو آهي جنهن سان هو پنهنجي چاهيندڙن سان ڳالهائيندو آهي ۽ پاڻ تي مڙهيل الزامن جي صفائي پيش ڪندو آهي. سڀ هوشيار ٿي وڃو........
”ڪرينه جا چڪر“
سدائين اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڪرينه جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي ته ڪڏهن هو ڦيراٽيون کائي ڪري پئي ۽ ڪڏهن کيس سيٽ تي ڦيراٽيون اينديون آهن. جڏهن گوا ۾ فلم ”گول مال ريٽرنز“ جي شوٽنگ جي سيٽ تي ڪرينه پهتي ته هن جي ڪجهه دير کانپوءِ کيس ڦيراٽيون اچڻ شروع ٿي ويون. جلدي ڪرينه ڪپور کي جوس پياريو ويو. بي بي هاڻ گهڻو ٿيو، سنهو ٿيڻ جي چڪر ۾ اهڙا چڪر ايندا رهندا ته پوءِ مستقبل ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو؟
ايش کي قطرينه کان شڪست
خوبصورتي ۾ ايشوريه کي پوئتي ڇڏڻ آسان ڪونهي پر ڇا توهانکي خبر آهي ته اڄڪلهه هر پاسي قطرينه ڪيف جي حسن ۽ ادائن جو چرچو آهي. هڪ رپورٽ موجب اڄڪلهه ايش جي مقابلي ۾ ماڻهون قطرينه جون تصويرون ڊائون لوڊ ڪري رهيا آهن ۽ سندس سائيٽ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. ڪرينه جو نمبر به قطرينه کانپوءِ ئي ايندو آهي.