کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ”منا ڀائي“ چارلس سوڀراج جي ڪردار ۾

”منا ڀائي“ چارلس سوڀراج جي ڪردار ۾

وچار ڊيسڪ
May 8th, 2008

بالي وڊ جو مُنا ڀائي يعني سنجي دت جلدي فلمي پردي تي مشهور فرانسيسي قاتل چارلس سوڀراج جو ڪردار ادا ڪندي ڏٺو ويندو. پيپلز پڪچرز جي بينر تحت تيار ٿيندڙ فلم ”چارلس اينڊ آءِ“ جو هدايتڪار پراول رمن آهي جنهن فلم ”ڊرما منع هي“ ۾ هدايت ڪاري جا فرض انجام ڏنا هئا.

 

جيئن ته نالي کان ظاهر آهي،”چارلس اينڊ آءِ“ جي ڪهاڻي ڀارتي ۽ ويٽنامي نزاد فرانسيسي شهري چارلس سوڀراج جي زندگي کان متاثر ٿي ڪري لکي وئي آهي. فلم ”چارلس اينڊ آءِ“ ۾ اداڪار سنجي دت هڪ اهڙي شاطر مجرم جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن ايشيائي ملڪن ۾ الاهي سياحن کي قتل ڪري پوليس جي ننڊ حرام ڪئي هئي.

 

واضع رهي ته فلمي پردي تي سوڀراج جهڙي سفاڪ ۽ چالاڪ مجرم جو رول ڪندڙ سنجي دت کي اصلي زندگي ۾ 1993ع ۾ ممبئي ۾ ٿيل بم ڌماڪن جي ڪيس ۾ ٽاڊا عدالت ڏوهاري قرار ڏنو هو ۽ کيس غير قانوني اسلحو رکڻ جي جُرم ۾ 6 ورهين جي قيد جي سزا ٻڌائي هئي. في الحال سنجي دت ضمانت تي رها آهي.

 

سوڀراج تي 70 جي ڏهاڪي ۾ ايشيائي ملڪن ۾ ٿيندڙ قتل جي 20 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي. هو پنج ڀيرو ڀارت، افغانستان، فرانس، ايران ۽ يونان جي جيلن کان فرار ٿيو آهي. ڀارت ۾ سوڀراج 20 ورهين تائين جيل ۾ قيد رهيو آهي.

 

64 ورهين جو سوڀراج هن مهل نيپال جي جيل ۾ قيد آهي. کيس 1975ع ۾ ٻه سياحن جي قتل جي سلسلي ۾ نيپال ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. بالي وڊ ۾ کل نائيڪ جو رول ڪندڙ سنجي دت ڏاڍو خوش آهي ته سندس جھولي ۾ سوڀراج جهڙو ڪردار آيو آهي.

 

اطلاعات جي مطابق نيپال جي جيل ۾ قيد سوڀراج پنهنجي زندگي تي تيار ٿيندڙ فلم جي خبر ٻڌي خوش ڪونه ٿيو ۽ هو پيپلز پڪچرز تي ڪيس ڪرڻ جي باري سنجيدگي سان سوچي رهيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com