کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > سلطانه ڌاڙيل آمريڪا ۾

سلطانه ڌاڙيل آمريڪا ۾

وچار ڊيسڪ
May 8th, 2008

سلطانه ڌاڙيل کي برصغير جو روبن هُڊ به چئي سگهجي ٿو جيڪو اميرن کان ڦريل دولت غريبن کي ڏيندو هو. اهو مشهور ڊرامو 1020ع ۾ لکيو ويو هو ۽ هڪ طويل عرصي تائين ٿيٽر جي ذريعي ماڻهن کي امپريس ڪندو رهيو پر فلمي دور جي آغاز هن ڊرامي جي ڏسندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. ڪيلي فورنيا جا ڏسندڙ هن ڊرامي سان پراڻي دور ۾ هليا ويا.

 

هن ڊرامي کي پيش ڪندڙ گروپ اهو ڊرامو پيش ڪرڻ کان اڳ ڪجهه مهينن تائين تياري ڪئي. هن جي ڪاسٽنگ ۾ شامل فنڪارن کي اداڪاري جو خاص تجربو نه هيو ۽ وينڪٽ نارائن کي ته اسٽيج تي اچڻ کان اڳ پنهنجي اُردو ٻولي درست ڪرڻي پئي.

 

هن شو جو ڊائيريڪٽر ديويندارا شرما آهي جنهن انڊيا ۾ پرورش حاصل ڪئي ۽ هاڻ آمريڪا ۾ هڪ ڪاليج پروفيسر آهي. سندس چوڻ آهي ته هن تاريخي ڊرامي کي ٿيٽر تائين پهچائڻ هڪ وڏو چئلينج هيو.

 

سندس چوڻ آهي ته اسين هن ڊرامي لاءِ لاڳيتو 99 ڪلاڪن تائين رهرسرلز ڪيون سين ۽ اسانجي ڪيترن ئي اداڪارن کي گانو ڳائڻ ڪونه ايندو هو. ۽ ٿيٽر جي ڊرامي ۾ ڳائڻ جو خاص طريقو هوندو آهي. ان ڪري اهو ڪم تمام گهڻو ڏکيو هيو. سندس چوڻ آهي ته اهو ڊرامو آمريڪا ۾ سائوٿ ايشينز کي سندن زمين جي ويجهو وٺي ويو ۽ اُهي ڊرامو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com