ڪرڪيٽر ڪڃرن کان گهٽ ڪونه هوندا آهن................. مهيش ڀٽ جي فلم جنت جو اهو ڊائيلاگ ڪيترن جھيڙن کي جنم ڏيندو هن ڳالهه جي خبر ناهي. پر هن ڳالهه کان بيپرواهه مهيش ڀٽ کي ڪنهن ڳالهه جي ڳڻتي ناهي.
مهيش ڀٽ جي فلم جنت ۾ عمران هاشمي هڪ جواباز جو ڪرداد ادا ڪيو آهي. فلم ۾ هڪ هنڌ سندس ڪردار چوندو آهي ته ”ديکين سر ڪرڪٽر اور ويشيا (ڪسبي) جي بيچ زياده فرق نهين هوتا. دونون ڪي جواني ختم تو ڪهاني ختم“.
هن ڳالهه کان بيپرواهه مهيش ڀٽ جو چوڻ آهي ته فلم جنت ۾ بالڪل اهو ئي پيغام آهي پر هن ۾ ڪهڙي غلطي آهي. جيڪڏهن هن باري ۾ سوچيو وڃي ته اسين سڀئي ڪڃر ئي آهيون. گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجو واعدو ته پاڙيندا آهن. آئون به ڪڃرن کان ڌار ڪونه آهيان. آئون به سودو وڪرو ڪندو آهيان. ۽ آئون به سنت يا ساڌو بدران ڪڃر ٿيڻ پسند ڪندس.
فلم ارٿ، زخم ۽ وه لمحي جي ذريعي بيشمار جھيڙن کي هوا ڏيندڙ مهيش ڀٽ هاڻ به پنهنجي موقف کان پري ڪونه ٿيندو. گهٽ ۾ گهٽ في الحال ته ائين نظر اچي رهيو آهي.