کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ڪانز ۾ عالمي فلمي ميلو شروع

ڪانز ۾ عالمي فلمي ميلو شروع

ويچار ڊيسڪ
May 16th, 2008

فرانس جي ساحلي شهر ڪانز ۾ مشهور عالمي فلمي ميلو شروع ٿي چُڪو آهي. هن سال ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ڪل اٽڪل ٻاويهه فلمون شامل آهن جيڪي هن ميلي جي پام ڊي ايوارڊ لاءِ مقابلو ڪنديون.

 

12 ڏينهن تائين جاري رهندڙ 61 ڪانز فلمي ميلي جي خاص ڳالهه انڊيانا جونز سلسلي جي نئين فلم آهي جنهن جو پريمئر هن ميلي ۾ ٿيندو. انڊيانا جونز سيريز جي فلم ”انڊيانا جونز اينڊ ڪنگڊم آف ڪرسٽ سڪل“ کان علاوه هن ميلي ۾ هالي وڊ جي مشهور ڪلاڪار ۽ هدايت ڪار ڪلنٽ ايسٽ وڊ جي فلم ”چينجلنگ“ ۽ اسڪرين رائٽر چالر ڪوفمين جي ڊائيريڪٽر جي طور تي پهرين فلم ڏيکاري ويندي.

 

هلندڙ سال فلمي ميلي جي جيوري جي صدارت ڪلاڪار شان پيش ڪندو جنهن جو چوڻ آهي ته مونکي اُميد آهي ته هتي گهڻو مقابلو ڪونه ٿيندو ۽ اسين جلدي متفق ٿي ويندا سين.

 

شان پين جنهن کي ڪلنٽ ايسٽ وڊ جي فلم ”مسٽڪ ريور“ ۾ اداڪاري لاءِ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، پنهنجي دوستن لاءِ ڪنهن به جانبداري جي امڪان کي بالڪل رد ڪيو آهي.

 

سندس چوڻ آهي ته آئون اهو نٿو ڄاڻيان ته 1960ع ۾ منهنجي پيدائش کان اڃان تائين ڪلنٽ ايسٽ وڊ ڪيتريون فلمون ٺاهيون آهن پر مونکي هن رڳو هڪڙي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ان ڪري منهنجي خيال ۾ جانبداري جو ڪو امڪان ناهي.

 

هلندڙ سال ڪانز فيسٽيول ۾ ڪو برطانوي فلم شامل ناهي پر فيسٽيول جي آرٽ ڊائيريڪٽر ٿياري فريماڪس موجب کيس اُميد آهي ته ايندڙ سال ڪو برطانوي فلم هن ميلي جي زينت بڻجندي.

 

بي بي سي ورلڊ جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com