کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > جيمز بانڊ جي تخليق ڪار آئن فليمنگ جي شئين جي نيلامي

جيمز بانڊ جي تخليق ڪار آئن فليمنگ جي شئين جي نيلامي

ويچار ڊيسڪ
May 16th, 2008

لنڊن جي امپيريل وار ميوزيم ۾ مشهور جاسوسي ڪردار جيمز بانڊ جي خالق آئن فليمنگ جي پيدائش جا هڪ سئو سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ خاص نمائش جو انتظام ڪيو ويو آهي. هن نمائش ۾ فليمنگ جي تصويرن کان علاوه سندس ميز ۽ ٽائپ رائيٽر به رکيو ويو آهي.

 

فليمنگ سندس تحريرن ۾ جيمز بانڊ جي نالي سان هڪ ڪردار تخليق ڪيو جيڪو برطانوي خفيه سروس جو ايجنٽ هيو. هن ڪردار جاسوسي جي دنيا ۾ مشهوري حاصل ڪئي. هن ڪردار تي هالي وڊ انڊسٽري پاران فلمون پڻ ٺاهيون ويون جن رڪارڊ بزنس ڪيو.

 

هن ڪردار دنيا جي مختلف ٻولين ۾ تخليق ٿيل ادب ۽ فلمن ۾ پنهنجا گهرا اثر ڇڏيا. تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته جيمز بانڊ فرضي ڪردار ۾ سندس خالق آئن فليمنگ جي شخصيت جي انداز جي جھلڪ آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com