ڪرينه وڏي بُلندي تي آهي. حالانڪ سندس فلم ”ٽشن“ باڪس آفيس تي فلاپ ٿي چُڪي آهي پر سندس ستاره وڏي بُلندي تي آهن. فلم ”ايڊيٽ“ ۾ هو پهريون ڀيرو عامر خان سان هيروئن جو ڪردار ادا ڪندي. عامر جي آڏو هيروئن جي لائن موجود هئي پر ڪرينه ڪپور سڀني کي مات ڏئي ڇڏي. هاڻي ٻڌو ويو آهي ته اجي به پنهنجي هدايت ۾ تيار ٿيندڙ فلم جي لاءِ ڪرينه ڪپور کي سائن ڪيو آهي.
ڪرينه ۽ اجي جي جوڙي فلم ”اومڪاره“ ۾ ڏاڍي مقبول ٿي هئي. نه رڳو ايترو بلڪ هاڻ ڪرن جوهر جي فلم ”ماءِ نيم از خان“ جنهن ۾ شاه رُخ خان آهي ۽ جنهن ۾ ڪاجول کي سائن ڪرڻ طئي هيو پر هاڻ خبرون آهن ته ڪرينه هن فلم ۾ اداڪاري ڪندي. اهڙي ريت هن مهل فلم انڊسٽري ۾ سڀ کان ڪامياب اداڪاره ڪرينه ڪپور آهي.
”ايش جي عيش“
ايشوريه راءِ جي فلم ۾ ڪثير غير ملڪي ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سندس اسٽائل به انهي انداز جو هوندو. هن جو اندازو سرڪار راج جي پروڊڪشن ڪمپني کي هن مهل ٿيو جڏهن کيس ڏهه لک جو بل مليو. دراصل فلم ۾ ايشوريه کي هڪ مهانگو چشمو پائڻو هو. ڪمپني پاران ڏنل چشمه کيس پسند ڪونه هئا ان ڪري کيس چيو ويو ته هو پنهنجو چشمو پاڻ پسند ڪري. ايشوريه ”گوچي“ برانڊ جو چشمو پسند ڪيو ۽ بل موڪلي ڇڏيو. فلم ڪمپني پگهرجي پئي.
”سلمان جو پيءُ“
سلمان خان جي پيءُ سليم چاهي سلمان خان وانگر بنا شرٽ جي نه رهندو آهي پر جيڪڏهن فلمن ۾ ڪو سندس پيءُ بڻجندو هوندو ته شايد کيس سلو (سلمان خان) جي طرز تي فلم ۾ ڪڏهن ڪڏهن شرٽ لاهڻي به هوندي. فلم ”وير“ ۾ جنهن جي ڪهاڻي به سلمان خان لکي آهي، مٿن چڪرورتي سندس والد جو ڪرداد ادا ڪري رهيو آهي. ان ڪري هن سيني جا وار ڪوڙايا آهن ۽ صحت مند نظر اچڻ لاءِ ويچارو هن عمر ۾ به ورزش ڪندي نظر ايندو آهي. اري ادا سلو جو پيءُ ٿيڻ ڪو مذاق آهي ڇا؟
”بپاشا جا نخره“
اڃان تائين اسين ملڪه شراوت جي نخري جون ڪهاڻيون توهانکي ٻڌائيندا هئا سين پر هاڻ بپاشا باسو به سندس نقش تي هلڻ شروع ڪيو آهي. هڪ ميگيزين ڪمپني جي شوٽنگ جي دوران بپاشا ميڪ اپ ڪرڻ لاءِ گرين روم ۾ پهتي ته هتي ٻيون ڪيتريون ئي ماڊلز موجود پهريان کان موجود هيون. بس پوءِ ڇا ٿيو، بپاشا جو غضو ستين آسمان تائين پهچي ويو. هن سندس باڊي گارڊ کي چئي سڀنيءَ کي ٻاهر ڪڍرايو. پر شايد بي بي اهو وساري ڇڏيو آهي ته ڪڏهن هو پاڻ به انهيءَ ماڊلز جي لائن ۾ موجود نظر ايندي هئي.
”سني جو ٽپ“
سني ديول سندس فلم ”دي مين“ ۾ شلپا شيٽي جي لاءِ پنج ڪروڙ رپين جي ڪار رولس رائس فينٽم امپورٽ ڪري رهيو آهي.
”وديا جي مجبوري“
لنڊن جي سياري ۾ وديا بالن سندس ڪار ۾ ڏڪندي رهي پر هو سيٽ تي ڪونه وئي؟ خبر آهي ڇو..... سائين سيٽ تي هن کان پهريان ئي ڪرينه ڪپور موجود هئي. هاڻ وديا شاهد سان دوستي کانپوءِ ساڻس نظر نٿي ملائي سگهي.