کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شاه رخ کي بي سي سي آءِ پاران وارننگ

شاه رخ کي بي سي سي آءِ پاران وارننگ

ويچار ڊيسڪ
May 19th, 2008

هندستاني ڪرڪيٽ بورڊ ڪولڪته نائٽ رائڊرز جي ٽيم جي مالڪ شاه رخ کي اها هدايت ڪئي آهي ته هو مئچ دوران رانديگرن جي ڊريسنگ روم ۾ نه وڃي. مشهور فلمي اداڪار شاه رخ ڪرڪيٽ بورڊ جي هن هدايت جي جواب ۾ چيو آهي ته مونکي ڪو به پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم سان ملڻ کان ڪو به نٿو روڪي سگهي.

 

ڪرڪيٽ بورڊ جي ضابطو ڪاميٽي چيو آهي ته مونکي ڊريسنگ روم ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي. مان پنهنجي ٽيم جي ويجھو رهڻ چاهيان ٿو، مان هن سان رهڻ چاهيان ٿو ۽ مونکي پنهنجي ٽيم سان ملڻ کان ڪو به نٿو روڪي سگهي.“

 

ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري نرجن شاه جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ضابطي هيٺ بورڊ جا عهديدار به ڊريسنگ روم ۾ نٿا وڃي سگهن. شاه رُخ خان جي سوال تي هن چيو آهي ته ”اهو ضابطي جو مامرو آهي ۽ هن ۾ انا جو سوال نه اچڻ گهرجي.“

 

ڪولڪته ٽيم جي ڊائيريڪٽر جوائي ڀٽا چاريه چيو آهي ته هي ڪو وڏو مامرو ناهي ۽ اهو مامرو جلدي حل ٿي ويندو. ٻي پاسي آءِ آءِ سي جي ترجمان جو چوڻ هو ته هي هندستان ڪرڪيٽ بورڊ جو مامرو آهي، بي سي سي آءِ پنهنجي ڊوميسٽڪ گيمز جو بندوبست ڪري رهي آهي ۽ اها ئي اصول ۽ قانون نافذ ڪري رهي آهي، آءِ سي سي جو هن سان ڪو واسطو ناهي.“

 

هي اختلاف اهڙي وقت پيدا ٿيو آهي جڏهن آءِ پي ايل ٽورنامينٽ سيمي فائنل جي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. مقابلي ۾ هن کان اڳ به الاهي جھيڙا ٿيا آهن پر هو آءِ پي ايل جي مزيدار مقابلن جي پوئتي لڪي ويا. اُميد آهي ته اهو جھيڙو به گهڻي عرصي تائين نه هلندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com