کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شاه رُخ خان ۽ گنگولي ۾ جھيڙو

شاه رُخ خان ۽ گنگولي ۾ جھيڙو

ويچار ڊيسڪ
May 21st, 2008

ڪولڪته نائٽ رائيڊرز جي ڪيپٽن سروو گنگولي ۽ ٽيم جي مالڪ شاه رُخ خان جي وچ ۾ ٽيم جي مامرن باري ڪو جھيڙو هلي رهيو آهي پر جڏهن سروو گنگولي کان جهيڙي بابت پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته ”اها ڪوڙي ڳالهه آهي ۽ مان هن کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه چوندس“. شاه رُخ خان به هن باري اڃان تائين ڪجهه ڪونه چيو آهي.

 

پر وسيلن ٻڌايو آهي ته ڪولڪته نائٽ رائيڊرز جو ڪئمپ ٽٽي سگهي ٿو. ”دادا“ گنگولي ۽ ”بادشاه“ شاه رُخ خان هاڻ هڪ ٻي سان گهڻي عرصي تائين ڪونه هلي سگهندا. ٻئي ڌريون هاڻ ڪيترين ئي هنڌن تي هڪ ٻي سان اکيون به نه ملائي سگهنديون آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهو جهيڙو هن انٽرٽينمنٽ ٽيڪس کانپوءِ شروع ٿيو آهي جيڪو شاه رُخ خان ايڊن گارڊنز ۾ کيڏڻ واري مئچن لاءِ ڏئي رهيو آهي.

 

شاه رُخ خان جي مرضي آهي ته گنگولي اولهه بنگال جي وزير اعلي کي چئي اهو ٽيڪس ختم ڪرائي. ڪيپٽن گنگولي جيڪو وزير اعلي جو ويجهو ماڻهون سمجهيو وڃي ٿو هن شاه رُخ خان جي چوڻ باوجود سفارش ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.

 

مزيدار ڳالهه اها آهي ته ايڊنز گارڊن هندستان جو واحد اسٽيڊيم آهي جنهن ۾ آءِ پي ايل ٽيم انٽرٽينمينٽ ٽيڪس ڏي رهي آهي. ڳالهه هتي دنگ ڪونه ٿي آهي هڪ ٻيو وڏو اختلاف ڪجهه ڏينهن اڳ مئچن دوران ٽيم جي وچ ۾ پيدا ٿيو آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن بدترين ٿي رهيو آهي. شاه رُخ خان جي ويجهي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو ٽيم جي راند کان راضي ناهي پر هن واضع طور تي هن ڳالهه جو اظهار ڪونه ڪيو آهي.

 

ٻي پاسي گنگولي اصل کان ئي ٽيم ۾ موجود رانديگرن کان راضي ناهي. اهو اختلاف ٻولي لڳڻ مهل منظر عام تي آيو. گنگولي ٽيم ۾ گهڻا بئٽسمين چائيندو هو. اختلاف تڏهن وڌيو جڏهن ٽيم جي ڪوچ کي ڪيپٽن کان وڌيڪ اختيار ڏنا ويا. ۽ ٻرندڙ باهه تي شاه رُخ خان اهو چئي تيل وڌو ته ايندڙ سال به سمورا فيصلا ڪوچ ئي ڪندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com