فلمي صنعت جي بين الاقوامي ميلي ”ڪينز فلم فيسٽيول“ ۾ پالم ڊي او ايوارڊ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ وچ اوڀر فلسطينين جي رتوڇاڻ تي تيار ٿيل هڪ ”اينيميٽڊ“ دستاويزي پهرين نمبر تي آهي. ”والڊ ود بشير“ جي نالي سان اها فلم هدايت ڪار ايئر فولمان ٺاهي آهي جيڪو اسرائيل فوج ۾ سندس ملازمت جي دوران 1982ع ۾ لبنان حملي جي دوران ٿيل ظلم جو اکين ڏٺو شاهد آهي.
1982ع ۾ آپريشن ”پيس فار گليلي“ جي نالي سان لبنان تي اسرائيلي فوج جو حملو دراصل گاڏي واري هنڌ بيروت تائين قبضو ڪرڻ جي ڪوشش هئي. هن آپريشن کانپوءِ لبنان ۾ پنڌرهن ورهين کان جاري خانه جنگي ۽ بدترين مظالم دنگ ٿي ويا هئا.
اسرائيلي فوج جي هن حملي ۾ صابره ۽ شتيله جي پناهگير ڪئمپن ۾ اٺ سئو جي ويجهو شهري مئا هئا. فلسطينين جي اهو قتلام عام اسرائيل جي حمايت يافته لبناني عيسيئي مليشياء ڪيو هو جڏهن ته اسرائيلي فوج هنن سان گڏ بيٺي هئي.
فولمان به اسرائيلي فوج ۾ شامل هو. سندس اها فلم سندس ذاتي سفرنامي تي مبني آهي ۽ هن فلم ۾ هُن پاڻ پسمنظر صداڪاري ڪئي آهي ۽ فلم جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي.
فولمان جو چوڻ آهي ته آئون هُن قتلام جون خوفناڪ يادون پنهنجي ذهن ۾ دفن ڪيون هيون پر اها فلم ٺاهيندي مهل اُهي يادون ٻيهر ياد ڪندي مهل تمام گهڻي ڏکيائي ٿي هئي. سندس چوڻ آهي ته ”کيس هاڻ اهو احساس ڏاڍو محسوس ٿيندو آهي ته مونکي استعمال ڪيو ويو هو. اسين سڀئي استعمال ٿيا سين.“
هن چيو آهي ته ”توهان ارڙهن ورهين جا آهيو، توهانکي هتي موڪليو وڃي ٿو، توهان هتي جهاز جي ذريعي ويندا آهيو ۽ توهان بيروت جي ايئر پورٽ تي لهندا آهيو ۽ توهان ڏسندا آهيون ته ماڻهن جو قتلام جاري آهي.“
هاڻ جڏهن اهو سوچيندو آهيان ته مونکي وڌيڪ ڪاوڙ ۽ رنج ٿيندي آهي جيتري مونکي فلم ٺاهڻ کان اڳ ڪاوڙ ايندي هئي. شايد ان ڪري هاڻ آئون شادي ڪئي آهي ۽ منهنجا ٽي پُٽ آهن ۽ جڏهن مان پنهنجي پُٽن کي ڏسي سوچيان ٿو ته کين اهو سڀ ڪجهه ڪونه ڪرڻ ڏيندس جيڪو مان ڪيو هو.“
سندس چوڻ آهي ته ”اها فلم هنن شئين ۾ شامل آهي جنهن جي باري آئون سمجھائڻ چاهيان ٿو ته ڪڏهن به اهڙي قسم جي تشدد ۾ حصو نه وٺجو. هن وڌيڪ چيو آهي ته هن فلم ۾ سه جهتي ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي جيڪا ماروائي حقيقت نظر ايندي آهي.
ڪينز جي فلمي ميلي ۾ هن فلم ناقدين جو ڌيان حاصل ڪيو آهي ۽ هن کي واضع ۽ سياسي طور تي ڌماڪو خيز فلم قرار ڏنو ويو آهي. فلم ٺاهيندي مهل فولمان ڪيترن ئي ساٿي فوجين جا انٽرويو ياد ڪيا جنهن صابره ۽ شتيله جي ڪئمپن جي ياد کي دبايو هو. کين تفصيلي طور تي ٻڌڻ کانپوءِ ٽٽل يادون جوڙي فلم ٺاهي وئي.