انگريزي ۽ سنڌي ٻولي ۾ تيار ٿيل پهرين فلم ”دي اويڪننگ“ انڊيا کانپوءِ دبئي ۽ شارجه جي سئنما گهرن ۾ 29 مئي تي ريليز ٿيندي. فلم جي پروڊيوسر ڪوشي لال واڻي جو چوڻ آهي ته کيس هن ڏينهن جو انتظار آهي جڏهن کيس پاڪستان ۾ فلم ريليز ڪرڻ جي اجازت ملندي.
”دي اويڪننگ“ فلم انڊيا جي ممبئي، ڪولڪته، مدراس ۽ ٻين شهرن ۾ هلندڙ مهيني جي آغاز ۾ ريليز ٿي چُڪي آهي. فلم جي ممبئي ۾ ٿيندڙ خاص پريميئر شو ۾ ڀارت جي حزب اختلاف جي اڳواڻ ايل ڪي اڊواني شرڪت ڪئي هئي. فلم جي موسيقي ريليز ڪندڙ تقريب جو اسپيشل گيسٽ مشهور گلوڪار جگجيت سنگهه هيو.
”دي اويڪننگ“ فلم جي پروڊيوسر ڪوشي لال واڻي دبئي کان فون تي اسانجي نمائندي کي ٻڌايو آهي ته سندس فلم هڪ نوجوان اسڪالر سنڌو تي مبني آهي جيڪو انڊس سولائيزيشن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ نيويارڪ کان هندستان پهچندي آهي. کيس ممبئي ۾ سندس ناني سان ملڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو آهي ته سندس پاڙون انڊس سولائيزيشن ۾ آهن. ڪوشي جي مطابق هن کانپوءِ هو سندس ثقافتي پاڙون ڳولڻ جي جستجو شروع ڪندي آهي.
”دي اويڪننگ“ فلم انڊيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون تجربو آهي جنهن جا رڳو گانا سنڌي ٻولي ۾ آهن باقي سموري فلم انگريزي ٻولي ۾ تيار ڪئي وئي آهي. ڪوشي جو چوڻ آهي ته هو موهن جو دڙو جي ست هزار سال تاريخي ثقافت کي پنهنجي فلم جي ذريعي عالمي سطح تي اُجاگر ڪرڻ چاهي ٿي. ان ڪري هن فلم انگريزي ٻولي ۾ ٺاهي آهي.
ڪوشي لالواني جو تعلق دبئي جي اڏاوتي ۽ گارمنٽ جي صنعت کان لاڳاپيل صنعتڪار خاندان سان آهي پر هو پاڻ فلم ٺاهڻ ۽ موسيقي ترتيب ڏيڻ جو ڪم ڪندي آهي. ڪوشي جو واسطو اهڙي خاندان سان آهي جنهن جي حياتين تي هندستان جي ورهاست جي واقعن جا گهرا اثر آهن.
ڪوشي ٻڌايو آهي ته هو 3 سالن جي هئي جڏهن هندستانجي ورهاست جي دوران کيس سنڌ کان هند ڏانهن لڏپلاڻ ڪيو. جنهن کانپوءِ هن ٻيهر ڪڏهن به سنڌ ڪونه ڏٺو. سندس خواهش آهي ته جيڪڏهن حڪومت پاڪستان پاران کيس فلم ريليز ڪرڻ جي اجازت ملي وڃي ته ۽ ائين ڪوشي جي سندس ڌرتي سان به ملاقات ٿي ويندي جيڪا سندس ننڍپڻ جو خواب آهي.
ڪوشي لال واني جي فلم ”دي اويڪننگ“ ۾ هندستان جي مشهور قانون دان رام جيٺملاڻي پهريون ڀيرو اداڪاري ڪئي آهي ۽ سندس ڏهه منٽ جي ڪردار تي انڊين ميڊيا ۾ ڪافي چوٻول ٿي رهيا آهن.
رام جيٺملاڻي جو چوڻ آهي ته ”دي اويڪننگ“ فلم کانپوءِ سنڌي ثقافت جي اهميت سمجھڻ ۾ مدد ضرور ملندي ۽ انڊيا ۾ سنڌين کي عزت جي نظر کان ڏٺو ويندو.