کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شيڪسپيئر هڪ يهودي عورت هئي: نئين جاچ

شيڪسپيئر هڪ يهودي عورت هئي: نئين جاچ

ويچار ڊيسڪ
May 29th, 2008

مشهور انگريزي شاعر ۽ ڊرامه نگار شيڪسپيئر جي باري هڪ نئين جاچ ظاهر ٿي آهي جنهن موجب شيڪسپيئر هڪ يهودي عورت هيو جنهن سندس ليک لنڊن ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ماڻهون جو ويس مٽايو هو ڇاڪاڻ ته هن مهل عورتن جو لکيل ادب لنڊن ۾ شايع ڪونه ڪيو ويندو هو. هڪ عورت ايميليا بيسينو لينير اٽالي جي رهواسڻ هئي ۽ انگلينڊ ۾ ويس مٽائي رهندي هئي جنهن باري چيو وڃي ٿو ته هو پهرين عورت هئي جنهن جي شاعري جي ڪتاب شايع ٿي هئي.

 

اهڙي خيالن جي پسمنظر بيسينو جي آتم ڪٿا هئي. جان هڊسن جنهن کي شيڪسپيئر جي ڪم جو خاص ڄاڻو سمجھيو وڃي ٿو سندس چوڻ آهي ته بيسينو جي ۽ شيڪسپيئر جي ڪم ۾ ڏاڍي اڪسارتا آهي. هن ماهر سندس ٽڪنيڪي مهارت تي روشني وجھندي چيو آهي ته بيسينو ۽ شيڪسپيئر جي ڪلام ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي.

 

جڏهن هن ماهر کان پڇيو ويو ته ڇا ادبي دنيا ۾ هڪ وڏي افواهه آهي ته ڪنهن ماڻهون عورت جي عظمت کي استعمال ڪيو آهي ته سندس چوڻ هو ته هي وڏو افسوسناڪ عمل آهي. سندس چوڻ هو ته ”منهنجو خيال آهي ته هي افواهه ناهي. هو هڪ بهروپيو هيو جنهن سندس شاعري شايع ڪرائڻ لاءِ بهروپ اختيار ڪيو هو جيئن ٻين ڪيترين ئي عورتن پنهنجو ويس مٽائي سندن شاعري شايع ڪرائي. ڇاڪاڻ ته هن مهل لنڊن ۾ عورتن جي شاعري شايع ڪونه ٿيندي هئي ان ڪري هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو.“

 

جان هڊسن وٽ شيڪسپيئر جي ڪم ۽ دنيا جي وڏن ادارن کان مليل ڪيتريون ئي ڊگريون ۽ سرٽيفيڪيٽ آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com