جيڪڏهن مردن کي ڪنهن فلم کان پرهيز ڪرڻ گهرجي ته هو سئڪس اينڊ سٽي نالي جي فلم ڪالهه لنڊن ۾ ريليز ٿي وئي آهي. آمريڪا جي مشهور سٽڪام سئڪس اينڊ سٽي جي بنيا تي مبني هن نالي جي فلم جڏهن اڱاري تي برطانيه ۾ ريليز ٿي ته اها فلم ڏسڻ لاءِ رڳو عورتون آيون، ٿيٽر ۾ هڪ به مرد موجود ڪونه هيو.
اهو سٽڪام نيويارڪ ۾ رهندڙ چار ساهيڙين جي ويجهو گهمندو آهي جنهن جا ڪرداد هڪ ٻي کان مختلف آهن. سٽڪام ۾ اهي ساهيڙيون ڪئي مردن سان دوستي ڪنديون آهن جيڪي سدائين ٽٽنديون جُڙنديون رهندون آهن. اهو سٽڪام نيويارڪ جي عورتن ۾ ڏاڍو مقبول آهي. بلڪ نيويارڪ جي عورتن به هنن چئين ڪردارن جي نقل شروع ڪئي آهي.
اها فلم پهريان برطانيه ۾ ريليز ٿي ۽ هاڻ چيو پيو وڃي ته سموري ملڪ جا سئنما سڀاڻي تائين بُڪ آهن. جنهن عورتن اها فلم ڏٺِ آهي هنن جو چوڻ آهي ته اها سندن اُميد کان به بهترين فلم آهي.