کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > بالي ووڊ ۾ لاهور جي هيرا منڊي بڻجي وئي

بالي ووڊ ۾ لاهور جي هيرا منڊي بڻجي وئي

ويچار ڊيسڪ
June 2nd, 2008

لاهور جي هيرا منڊي ڏسڻي هجي ته پاڪستان وڃڻ جي ضرورت ناهي هاڻ توهان لاهور جي هيرا منڊي فلم سٽي ۾ به ڏسي سگهو ٿا. جي ها فلم سٽي ۾ هڪ ڪروڙ رپي جي لاگت سان پوجا ڀٽ ۽ ٽي سيريز لاهور جي گهٽين جو بالڪل ساڳيو نقشو قائم ڪرايو آهي. يقيني ڳالهه آهي ته لاهور جا ماڻهون مايوس ٿيا هوندا ڇاڪاڻ ته هاڻي سندن شهر ۾ شوٽنگ ڪونه ٿيندي.

 

دراصل ”ڪجراري“ ڪهاڻي لاهور جي هيرا منڊي جي پسمنظر ۾ لکي وئي پيار جي انوکي داستان آهي جنهن تي پوجا ڀٽ فلم ٺاهي رهي آهي ۽ اها ڳالهه طئي هئي جو فلم جي شوٽنگ لاهور جي انهيءَ علائقي ۾ ٿيندي پر ڪجهه شوٽنگ جي اجازت جو مامرو ۽ ڪجهه ٻيا مسئلا پيدا ٿي ويا.

 

خير لاهور منڊي ٺاهڻ ۾ گهڻي تڪليف ڪونه ٿي ڇاڪاڻ مهيش ڀٽ ۽ پوجا ڀٽ ڪيترا ئي ڀيرا پاڪستان وڃي چُڪا آهن ۽ هنن بالڪل ساڳيو خاڪو تيار ڪيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com