کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ڪشمير: عمر عبدالله بالي وڊ فلم ۾

ڪشمير: عمر عبدالله بالي وڊ فلم ۾

ويچار ڊيسڪ
June 7th, 2008

هندستاني انتظام هيٺ ڪشمير سان تعلق رکندڙ سياستدان عمر عبدالله بالي وڊ جي هڪ فلم ۾ نظر ايندو. نيشنل ڪانفرنس جي صدر ۽ پرڏيهي امور جو اڳوڻو وفاقي وزير عمر عبدالله مشن انتنبول نالي جي هڪ فلم ۾ ڪردار ادا ڪندو. بي بي سي سان ڳالهيون ڪندي هن ٻڌايو آهي ته هن فلم ۾ سندس هڪ انٽرويو شامل آهي جنهن ۾ ڪشمير ۾ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهه ڪئي وئي آهي.

 

عمر عبدالله موجب هدايتڪار اپورولاکيا جي اها فلم دهشتگردي ۽ سموري دنيا ۾ هن جي تعلقات باري آهي. سندس چوڻ آهي ته فلم جو هدايتڪار سندس دوست آهي ۽ جڏهن هو سندس وٽ اهو مشورو وٺي آيو ته هو سندس دوست کي انڪار ڪونه ڪري سگهيو.

 

عمر اُميد ڪئي آهي ته اها هڪ ڪامياب فلم ثابت ٿيندي. هن فلم جي ڪاسٽ ۾ وويڪ اوبراءِ ۽ زيذ خان جهڙا اداڪار به شامل آهن.

 

فلم ۾ هڪ عورت رپورٽر عمر عبدالله کان اهو سوال ڪندي آهي ته ڪشمير ميڊيا جي باري ۾ سندس ڇا راءِ آهي ۽ عمر عبدالله چوندو آهي ته ڪشمير ۾ چڱي اطلاع ڪڏهن به خبر ڪونه بڻجندي آهي ۽ جيستائين ڪنهن بم ڌماڪي يا ڪنهن جي مرڻ جي اطلاع نه اوستائين اها ڳالهه خبر جي طور تي پيش ڪونه ڪئي ويندي آهي.

 

عمر بن عبدالله فلم ۾ چيو آهي ته ڪشمير ۾ اهڙيون الاهي شئيون ٿي رهيون آهن جيئن ته هتي سياح اچي رهيا آهن پر اهو سڀ ڪجهه ائين نٿو ٻڌايو وڃي جيئن دهشتگردي ۽ رتوڇاڻ جون خبرون ٻڌايون وينديون آهن.

 

عمر عبدالله موجب کيس فلم جي اسڪرپٽ پڙهي عجيب محسوس ٿيو. سندس موجب ته مان اها ڳالهه چوڻ جو عادي آهيان جيڪا مان سوچيندو ۽ محسوس ڪندو آهيان. پر هتي مونکي رڳو لکيل اسڪرپٽ پڙهڻي هئي. انهيءَ دوران هن الاهي طريقن سال فلم بندي ڪئي. عمر عبدالله چاهي ڪئمرا کان گھٻرائيندو ناهي پر سندس موجب فلم ۾ هن الاهي ريٽيڪ ڪيا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com