کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ايشوريا راءِ بينظير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪندي؟

ايشوريا راءِ بينظير ڀٽو جو ڪردار ادا ڪندي؟

ويچار ڊيسڪ
June 16th, 2008

ڪجهه ڏينهن اڳ ممبئي جي مشهور پروڊڪشن ڪمپني ”يو ٽي وي“ بينظير ڀٽو جي حياتي تي مبني فلم ٺاهڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو. چوٻول ٿي رهيا هئا جو فلم ۾ بُنيادي ڪردار اڳوڻي ملڪه حسن ايشوريا راءِ ادا ڪندي ۽ ايشوريا راءِ هن ڏکي ڪردار کي فلمي پردي تي پيڻ ڪرڻ جي خواهشمند آهي.

 

پر بينظير ڀٽو جي ور آصف علي زرداري جي وڪيل اشيش مهتا اهو ظاهر ڪيو آهي جو بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ فلم ٺاهڻ جا قانوني حق هڪ آمريڪي پروڊڪشن هائوس کي ڏنا هئا. اشيش وڌيڪ ٻڌايو آهي ته بالي وڊ ۾ جيڪڏهن بينظير ڀٽو جي زندگي تي مبني فلم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀٽو خاندان هن فلم لاءِ ڪنهن به قسم جو تعاون ڪونه ڪندو.

 

هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي جو پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ پ پ جي صدر بينظير ڀٽو جي موت کانپوءِ سندس شمار دنيا جي مشهور عورتن ۾ ٿي رهيو آهي. اهو ڪارڻ آهي جو پوئين سال راولپنڊي ۾ بينظير ڀٽو جي مرڻ کانپوءِ برصغير جي هن مشهور عورت ليڊر جي زندگي کي فلمي ڪئمرا ۾ قيد ڪرڻ لاءِ بالي وڊ سان گڏ هالي وڊ جا فلم ميڪر به اُتاولا آهن.

 

يو ٽي وي جي بينظير جي زندگي تي مبني فلم ٺاهڻ جي خبر ٻڌي ڪري آصف علي زرداري سندس وڪيل جي ذريعي هن پروجيڪٽ لاءِ پنهنجي ناپسندي جو اظهار ڪيو آهي. پر خبر آهي جو نيليش مشرا کي يو ٽي وي فلم جي اسڪرپٽ لکڻ جي ذميواري ڏني آهي.

 

نه وسارڻ گهرجي ته هلندڙ سال جنوري ۾ بالي وڊ جي مشهور فلم ميڪر مهيش ڀٽ به ڪراچي جي ”اسڪائز ان لميٽڊ فلمز“ ڪمپني جي تعاون سان بينظير ڀٽو جي زندگي تي مبني فلم ٺاهڻ جي آفر پيش ڪئي هئي. فلم ۾ بُنيادي ڪردار لاءِ شبانه اعظمي کي سائن به ڪيو ويو هو. پر پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو جي ويجھي دوست ناهيد خان ڀٽ هن منصوبي لاءِ آصف علي زرداري کان اجازت وٺڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.

 

آصف علي زرداري جو وڪيل اشيش مطمئن آهي جو مهيش ڀٽ واعدو ڪيو آهي جو مستقبل ۾ ڀٽو خاندان جي اجازت کانسواءِ هو بينظير ڀٽو جي زندگي تي مبني فلم ڪونه ٺاهيندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com