کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شاه رُخ ۽ ڪاجول هڪ ڀيرو وري گڏ

شاه رُخ ۽ ڪاجول هڪ ڀيرو وري گڏ

ويچار ڊيسڪ
June 17th, 2008

بالي وڊ جي بادشاه شاه رُخ خان ۽ ڪاجول جي جوڙي سلور اسڪرين تي سدائين هٽ رهي آهي. ۽ هن جي مثال ”بازيگر“ ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“ ”ڪڇ ڪڇ هوتا هي“ ۽ ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“ جهڙيون ڪامياب فلمون آهن. انهن فلمن ۾ عوام شاه رُخ ۽ ڪاجول کي ڏاڍو پسند ڪيو آهي. ۽ هاڻي ست سالن کانپوءِ ڪرن جوهر جي فلم ”ماءِ نيم از خان“ ۾ هڪ ڀيرو وري شاه رُخ ۽ ڪاجول جي جادوئي جوڙي گڏ فلمي پردي تي ڏسڻ ۾ ايندي.

 

آخري دفعي ٻه هزار هڪ ۾ شاه رُخ خان ۽ ڪاجول ڪرن جوهر جر فلم ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“ ۾ گڏ نظر آيا هئا. هن کانپوءِ فلم انڊسٽري ۾ چوٻول شروع ٿي ويا جو ڪاجول جي مڙس ۽ بالي وڊ جي ايڪشن هيرو اجي ديوگن کي ڪاجول ۽ شاه رُخ جي سنگت تي اعتراض آهي.

 

پر پاڻ ڪاجول فلم ميڪر جوهر جي ٽاڪ شو ”ڪافي ود ڪرن“ ۾ اها ڳالهه تد ڪندي چيو آهي ته اجي کي سندس دوستن کان ڪو پريشاني ڪونهي. ۽ هو پنهنجي ڌي نائيشا جي سبب عارضي طور تي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏيو هو.

 

ڇاڪاڻ ته ڪرن جوهر ڪاجول ۽ شاه رُخ ٻنهيءَ جو بهترين ۽ ويجھو دوست آهي ان ڪري سندس خواهش آهي ته ڪاجول پنهنجي ڌيءُ پيدا ڪرڻ کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپس اچي ڪري سندس فلم ۾ ڪم ڪري جنهن ۾ هو شاه رُخ کي هيرو جي طور تي سائن ڪرڻ چاهيندو هو. پر ڪاجول عامر خان سان فلم ”فنا“ ۾ ڪم ڪري بالي وڊ ۾ وري پير رکيو.

 

پر ڪرن جوهر ڪوشش ڪندو رهيو ۽ هن ڪاجول کي پنهنجي نئين فلم ۾ شاه رُخ سان ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو آهي. فلم ”ماءِ نيم از خان“ جي ڪهاڻي هڪ هندستاني نزاد آمريڪي جوڙي جي زندگي تي مبني آهي. هن فلم ۾ ڪاجول ڪنگ خان جي گهر جي ذال جو ڪردار ادا ڪندي. فلم جي شوٽنگ ڊسمبر ۾ شروع ٿيندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com