کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > برطانيه ۾ ستر سيڪڙو هندستاني ڊي وي ڊيز جعلي

برطانيه ۾ ستر سيڪڙو هندستاني ڊي وي ڊيز جعلي

ويچار ڊيسڪ
June 19th, 2008

سموري دنيا ۾ مشهور هندستاني فلمن کي هن مهل جيڪي وڏا مسئلا پيش آهن اهي نقل يا ”پائريسي“ آهي. برٽش فونو گرافڪ انڊسٽري جي اندازي موجب برطانوي بازارن ۽ اسٽالن ۾ وڪرو ٿيندڙ هندستاني فلمن جي ستر سيڪڙو ڊي وي ڊيز جعلي هونديون آهن جڏهن ته هالي وڊ جي فلمن ۾ اها شرح پنج سيڪڙو جي ويجھو آهي.

 

اولهه لنڊن جو علائقو سائوٿ آل هڪ اهڙو هنڌ آهي جتي خوشبودار دُڪانن ۽ سهڻي ساڙين جي دڪانن کان علاوه بالي وڊ فلمن ۽ گانن جون ڊي وي ڊيز ۽ سي ڊيس به وڏي انگ ۾ ملنديون آهن.

 

گذريل سال پوليس ۽ هن جي انتظاميه سائوٿ آل جي علائقي ۾ بالي وڊ جي نقلي فلمن جو ڪاروبار ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ ست دُڪانون بند ڪيون هيون ۽ انهن گودامن تي ريڊ ڪيو جتي فلمن جون نقلي ڪاپيون ٺاهيون وينديون هيون. پر ڪاروائين کانپوءِ به فلمن جون نقلي سي ڊيز ۽ ڊي وي ڊيز جو ڪاروبار ختم ڪونه ٿي سگهيو آهي.

 

سائوٿ آل ۾ فلمن جي هڪ اسٽال کان ٽي سئو کان وڌيڪ نقلي سي ڊيز ۽ ڊي وي ڊيز برآمد ڪندڙ ٽيم جي رُڪن پوليس سارجنٽ شاهد ملڪ موجب هڪ جعلي سي ڊي ۽ اسٽال هولڊر جي لاگت ستر کان اسي پنس هوندي آهي جڏهن ته هو ساڳئي ڊي وي ڊي يا سي ڊي وڪرو ڪري گهرو منافعو ڪمائيندو آهي. سندس موجب ”اسين ڪيتريون ئي جعلي ڊي وي ڊيز ڏٺيون آهن ۽ هنن جي ڪوالٽي ايتري خراب ڪونه هئي.“

 

شاهد ملڪ موجب نقلي سي ڊيز جي اسٽال هولڊرز مان الاهي ماڻهون اهڙا آهن جيڪي سٺي زندگي گذارڻ لاءِ برطانيه آيا هئا. پر شاهد جو چوڻ آهي ته هنن ماڻهن کي روزانو ٽيهه پائونڊ ڏنا ويندا آهن ۽ اصلي منافعو سي ڊيز ٺاهيندڙ ماڻهن کي ملندو آهي.

 

هندستاني فلمي صنعت جي ماهرن موجب اهو اندازو هڻڻ تمام ڏکيو آهي جو فلمن جون جعلي سي ڊي ۽ ڊي وي ڊيز وڪرو ڪرڻ سان بالي وڊ کي ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي. هڪ هندستاني پروڊيوسر موجب فلمن جي نقل ”ڏينهن ڏٺي چوري“ جي برابر آهي. ايروس ڪمپني جي پروڊيوسر سر پرنب ڪپابيا موجب ”پائريسي“ سان ڪنهن فلم ڪمپني کي هڪ فلم جي منافعي جي پنجاهه سيڪڙو جي برابر نقصان ٿيندو آهي ۽ هنن اسٽالن تي ٿيل ريڊز اُٺ جي منهن ۾ زيري جي برابر آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com