کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شبانه اعظمي ۽ جاويد اختر کي بڪنگهم پيلس پاران دعوت

شبانه اعظمي ۽ جاويد اختر کي بڪنگهم پيلس پاران دعوت

ويچار ڊيسڪ
June 20th, 2008

بالي وڊ جي مشهور اداڪاره ۽ سماجي ڪارڪن شبانه اعظمي ۽ مشهور گانن جو ليکڪ جاويد اختر تمام خوش آهن. هن خوشي جو ڪارڻ شاهي دعوت آهي. جي ها، برطانيه جي شهزادي چارلس بالي وڊ جي هنن ٻنهيءَ هستين کي شاهي مهمان جي طور تي بڪنگهم پيلس ۾ رهڻ جي دعوت پيش ڪئي آهي.

 

شبانه اعظمي ٻڌايو آهي ته 12 کان 16 جولاءِ تائين شاهي محل ۾ رهڻ دوران هو هندستان ۾ فلاحي ڪمن لاءِ رستو موزون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

 

نه وسارڻ گهرجي ته بالي وڊ جي تاريخ ۾ ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هتان ڪنهن فنڪار کي برطانوي شاهي محل ۾ رهڻ جي دعوت ملي آهي. شبانه اعظمي جو شمار نه رڳو هندستان جي بلڪ برصغير جي ڪجهه وڏي اداڪارن ۾ ٿيندو آهي، بلڪ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته هو پنهنجي پاڻ ۾ مڪمل فني ادارو آهي ته اها ڳالهه غلط ڪونه هوندي.

 

شبانه اعظمي کي ڪمرشل سينما تي عبور حاصل آهي. ارٿ، نشانٿ، کندر، پار، اسپرش، منڊي ۽ انڪور جهڙي ڪنهن نه ڪنهن سماجي پاسن کي ظاهر ڪندڙ لاجواب فلمن ۾ به پنهنجي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ اداڪاري جي ذريعي شبانه بالي وڊ سان گڏ عالمي سطح تي به پنهنجي مختلف سڃاڻ ٺاهي آهي.

 

شبانه جو مڙس جاويد اختر به ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي. پنج نيشنل فلم ايوارڊ ۽ ست فلم فير ايوارڊ سان گڏ هن مقبول شاعر کي پدم شري ۽ پدم ڀوشن سان پڻ نوازيو ويو آهي.

 

وائس آف آمريڪا جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com