آمريڪا ۾ رهواسي هندن هالي وڊ جي هڪ مزاحيه فلم جي خلاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. مظاهرو ڪندڙن الزام هنيو آهي جو هن فلم جي نمائئش سان سموري دنيا جي لکين هندن جا جذبات مجروح ٿيندا. هن سلسلي ۾ پنج هزار پان وڌيڪ ماڻهن انٽرنيٽ جي ذريعي فلم ”لو گرو“ جي خلاف هڪ درخواست تي صحي ڪئي آهي. هن فلم جي ڪردار ۾ مائيڪ ميئرز آهي ۽ اها فلم جمعه جي ڏينهن ريليز ٿي رهي آهي.
ڪجهه هندو گروپ ته هن فلم کي پروڊيوس ڪندڙ ڪمپني پيرامائونٽ پڪچرز لاءِ بائيڪاٽ ڪرڻ باري سوچي رهيا آهن. ٻي پاسي پيرامائونٽ پڪچرز جو چوڻ آهي ته هن فلم ۾ ڪنهن هڪ مذهب باري ڳالهه ٻولهه ڪونه ڪئي وئي آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته فلم جو ڪردار ”لو گرو“ مڪمل طور تي هڪ افسانوي يقين کي مڃيندو آهي.
هن فلم ۾ مشهور اداڪار ميئرز، گرو پٽڪا جو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي پرورش ڀارت جي هڪ آشرم ۾ ڪجهه استادن ڪئي آهي. فلم ۾ اهي اُستاد مشهور ٿيڻ لاءِ آمريڪا جو رُخ ڪندو آهي ۽ ڪئناڊا جي هاڪي ٽيم جي هڪ رانديگر جي ذاتي زندگي جون پريشانيون دور ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجهه هندن جو چوڻ آهي ته اولهه ۾ هندو مذهب باري تمام گهٽ معلومات آهي ۽ ”لو گرو“ جهڙيون مزاحيه فلمون نوجوانن کي گمراهه ڪري سگهن ٿيون ۽ کين مذهب جون ڪيترون ئي تصويرون ڏيکاري سگهنديون آهن. آمريڪا ۾ ”سناتن سوسائٽي“ سان واسطو رکندڙ ڀاونا شندي جو چوڻ آهي ته جتي ماڻهن جي عقيدي جي ڳالهه هجي هتي ماڻهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي. ”هو ان ڳالهه تي ناراض آهي جو فلم جو اهم ڪردار هندن جي مقدس زعفراني رنگ جا ڪپڙا پائيندو آهي ۽ مقدس مالا کڻي هلندو آهي.
فلم جي هيرو مائڪ ميئرز به هنن الزامن تي تنقيد ڪئي آهي جڏهن ته پيرامائونڊ پڪچرز روحاني ٽيچر ديپڪ چوپڙا جي حوالي سان چيو آهي ته اهو احتجاج رڳو اڍائي منٽ جي ٽريلر جي بُنياد تي ڪيو پيو وڃي. ديپڪ چوپڙا جو چوڻ آهي ته ريليز کان اڳ ئي اهڙو احتجاج پنهنجي پاڻ ۾ مذهبي پروپوگنڊه آهي.
ڀاونا شندي اهڙي دليلن سان خوش ڪونهي. سندس چوڻ آهي ته اسين سڀنيءَ کي خبر آهي ته جڏهن ڪنهن کي ساڙهي پارائي مٿي تي بنديا هڻي ڏيکاريو وڃي ٿو ته هن جو معني آهي جو هن هو تعلق هندو مذهب سان آهي. سندس چوڻ آهي ته ”گرو“ ۽ ”آشرم“ ۽ ”ڪرما“ جهڙي لفظن جو استعمال هندو مذهب سان جڙيل آهي.
جڏهن کان هن فلم جو ٽريلر نشر ٿيڻ شروع ٿيو آهي آمريڪا ۾ ٻه هندو ٽولن اها شڪايت درج ڪئي آهي جو کين فلم ريليز ٿيڻ کان اڳ ڏيکارڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر پين فلم ڪونه ڏيکاري وئي.
احتجاجين هندستان جي فلم سنسر بورڊ کي به هن سلسلي ۾ خط لکيو آهي. جڏهن ته برطانيه ۾ پيرامائونٽ پڪچرز چيو آهي ته آگست ۾ ريليز ٿيڻ کان اڳ فلم جي نمائش هندن لاءِ ڪئي ويندي.