کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > رام چند پاڪستاني

رام چند پاڪستاني

ويچار ڊيسڪ
June 28th, 2008

”رام چند پاڪستاني“ جي ريليز سينما جي بحالي ڏانهن هڪ قدم آهي ”سڀنيءَ جي تعاون جو احسان مند آهيان، اها پهرين فلم آهي جنهن ۾ ڪهاڻي ڏسڻ لاءِ ملندي، فلم جلدي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ريليز ٿيندي. هي ڳالهيون ڪجهه مشهور ماڻهن فائر رڪارڊز هيٺ فلم ”رام چند پاڪستاني“ جي موسيقي جاري ٿيڻ جي موقعي تي ڪيون. جيو ٽي وي جي صدر عمران اسلم چيو آهي ته ”رام چند پاڪستاني“ جي ريليز سينما جي بحالي ڏانهن وڌندڙ قدم آهي.

 

مهرين جبار ۽ جاويد جبار ٻئي تمام حساس آهن ۽ سندن قوت مشاهده به لاجواب آهي. فلم جي ڊائيريڪٽر مهرين جبار تمام سهڻي انداز سان فلم مڪمل ڪئي آهي. اُميد آهي جو هن فلم سان پاڪستاني سينما ترقي جون منزلون طئي ڪندو. فلم جي ميوزڪ ۾ صحرا جي آواز ۽ پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

 

فلم لي ليکڪ جاويد جبار چيو آهي ته اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستاني سينما زوال جو شڪار آهي تڏهن اها فلم مڪمل ٿيڻ کان اڳ سرمايو ۽ پروجيڪٽ ۾ شامل ٿيڻ ڏوي ڳالهه آهي ۽ مونکي دلي خوشي آهي جو هن فلم لاءِ مون سان تمام وڌيڪ ماڻهن تعاون ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته 1965 جي جنگ کانپوءِ پاڪستان ۾ هندستاني فلمن جي نمائش تي بندش آهي ۽ اسانجي فلم انڊسٽري کي شايد ڪجهه وقت لاءِ فائدو ٿيو هوندو پر نقصان وڌيڪ رسيو آهي. ملڪ ۾ سينما ۽ فلمن جو انگ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي.

 

فلم جي موسيقي زبردست آهي. فلم جي موسيقي New York Tribeca Film Festival ۽ 34 Scuttle Film Festival ۾ شهرت حاصل ڪئي آهي. هنن فلم جي ريليز باري چيو آهي جو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلم جي ريليز ٿيڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. اها فلم پاڪستان ۽ هندستان ۾ ريليز ڪئي ويندي.

 

فلم جي ميوزڪ لانچ جي جلسي ۾ شوبز اسٽارز کان علاوه اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي نمائندن جي وڏي انگ کان علاوه ڪيترن ئي شعبن سان واسطو رکندڙ مشهور هستين به شرڪت ڪئي. اها فلم روٽين کان منفرد ٺاهي وئي آهي ۽ فلم جي ڪاسٽ ۾ لالي وڊ اداڪار نعمان اعجاز، راشد فاروقي، نويد جبار، ماريه واستي، فاروق پريو، شهود علوي، عدنان شاه، زيالي سرحدي، عاطف بابر، سليم معراج، سيف حسن، رائو سليم، ڪريم  بخش، ماسٽر يعقوب، حسن نيازي، ڪاظم رضا، م حمد رفيق، ساجد شاه، انيس چاچڙ، اقبال موٽلاني ۽ سيد فضل حسيني شامل آهن. فلم جي ميوزڪ لانچ جي جلوس ۾ شوبز اسٽار کان علاوه اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي نمائندن جي تمام وڏي انگ کان علاوه ڪيترن ئي شعبن سان واسطو رکندڙ هستين به شرڪت ڪئي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com