ماهر اسرائيل جي گادي واري هنڌ تل ابيب جي هڪ گهر ۾ 40 ورهين کان بند اديب فرانز ڪافڪا جي تحريرن جي جاچ ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن جن کي پهريان ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. اهي تحريرون ڪافڪا جي ماهر ۽ سجن ميڪس براڊ جي پراڻي سيڪيٽري جي گهر ۾ ڪيتري عرصي کان محفوظ آهن.
1968ع ۾ ڪافڪا جي مرڻ کانپوءِ سندس تحريرن کي اسٿر هائوف پنهنجي آخري ساهه تائين ريليز ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. تازو ئي حاف هڪ سئو هڪ ورهين جي عمر ۾ مري ويو آهي.
پر اڃان تائين اهو ظاهر ڪونه آهي ته ايتري سالن کانپوءِ ڇا اهي تحريرون پڙهڻ جي قابل هونديون يا نه. 41 ورهين جي عمر ۾ ٽي بي جهڙي مهلڪ بيماري ۾ مبتلا ٿيل ڪافڪا وصيت ڪئي هئي ته سندس سموريون تحريرون ساڙيون وڃن. پر سندس دوست ميڪس براڊ سندس هدايت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. هن جي نتيجي ۾ ٽرائل، ميٽامور فوسس ۽ دا ڪاسل جهڙا ناول ڇپيا آهن. ڪافڪا جو جيڪو به ڪم شايع يو آهي هن جو زميوار ميڪس براڊ جو سوڌ رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪافڪا سندس ڪو به ڪم مڪمل ڪونه ڪيو هو. سندس ناول ”دا ڪاسل“ ته اڌورو هيو.
انهيءَ ڪري هنن تحريرن جي اهميت وڌي وئي آهي جيڪي اڃان تائين لڪيل آهن. اطلاعن موجب انهن تحريرن کي ٻن سوٽ ڪيسن ۾ بند ڪري 1939 ۾ هن مهل چوري ڪري ٻاهر موڪليو ويو هو جڏهن جرمن فوجون شهر ڏانهن تيزي سان وڌي رهيون هيون.
اهلڪارن کي خوف آهي ته شايد ايسٿر هائوف جي گهر ۾ سلابي ۽ سندس پالتو ڪُتن ۽ ٻلين نقصان نه ڪيو هجي. دنيا ۾ ڪافڪا جي مُريدن کي شايد اهڙي غير قانوني صورتحال جو سامڻو آهي جيڪو ڪافڪا جي ناول جي ڪردار کي پيش ايندي آهي.