انگلينڊ ۾ وليم شيڪسپيئر جي تحريرن جي هڪ ڪاب جي پهرين اشاعت جي چوري جي الزام ۾ هڪ ماڻهون کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مُلهه 30 ملين ڊالر جي ويجھو ٻڌايو ويو آهي. شيڪسپيئر جي تحريرن جو اهو پهريون فوليو ايڊيشن 1623 ۾ شايع ٿيو هو ۽ اُتر انگلينڊ ۾ 1998ع ۾ اهو ڪتاب تڏهن چوري ڪيو ويو جڏهن ڊرهم يونيورسٽي جي لائبريري ۾ هن جي نمائش ڪئي وئي هئي.
ٻه هفتا اڳ هڪ ماڻهون آمريڪي گادي واري هنڌ واشنگٽن ڊي سي جي فولجر شيڪسپيئر لائبريري ۾ هڪ ڪتاب کڻي پهتو جنهن کي جيتن کاڌو هو. هن چيو ته هو هڪ انٽرنيشنل بزنس مين آهي جنهن کي اها ڪتاب ڪيوبا ۾ ملي ۽ هاڻي هو هن جي مُلهه جو اندازو هڻڻ چاهي ٿو.
لائبريري جي عملي کيس چيو ته هو اها ڪتاب هنن وٽ ڇڏي وڃي ته جيئن هو هن ڪتاب جي مُلهه باري صحيح ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. ترت اها ڳالهه واضع ٿي ته تحريرن ۽ آرٽ جي چوري باري هڪ ويب سائيٽ تي هن ڪتاب جو نالو سڀ کان مٿي هيو.
لائبريري جي عملي کي خبر پئجي وئي ته اها ڪتاب هڪ ڏهاڪو اڳ انگلينڊ ۾ ڊرهم يونيورسٽي کان چوري ڪئي وئي. هن ايف بي آءِ کي اطلاع ڏني ۽ پوءِ اها ڳالهه برطانوي پوليس تائين پهچي وئي.
هن واقعي جي ٻن هفتن کانپوءِ انگلينڊ ۾ ڊرهم ني ويجھو هڪ ماڻهون کي هن ڪتاب جي چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن کان علاوه سال 1623ع ۾ شايع ٿيل شيڪسپيئر جي ڪتابن جو اهو مجموعو آمريڪا جي فولجر شيڪسپيئر لائبريري ۾ آهي ۽ ڊرهم يونيورسٽي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اها ڪتاب هن کي جلدي ملي وڃي.
بي بي سي جي ٿورن سان