عراق جنگ ۾ حصو وٺندر هڪ عورت فوجي مس انگلينڊ جي فائنلز تائين پهچي وئي آهي. 21 ورهين جي ڪترينه هوج پهران مس ٽنيرج ويلس جو خطاب حاصل ڪيو آهي ۽ هاڻي هن جمعي تي مس هوج انگلينڊ جي مقابلي ۾ شريڪ ٿيندي. جيڪڏهن مس هوج انگلينڊ جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ هو سال 2008 جي مس ورلڊ مقابلي ۾ حصو وٺي سگهندي.
سندس چوڻ آهي ته مس انگلينڊ جي فائنل ۾ چونڊجڻ کانپوءِ آئون ڏاڍي خوش ٿي هوس ۽ اها منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته پارٽ ٽائم ماڊل هجڻ ۽ هڪ فوجي جي زندگي ٻه الڳ دنيائون آهن. آئون هن مقابلي ۾ فوج جي ڪمن کي منظر عام تي آڻڻ چاهيان ٿي ۽ هن سان گڏ اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته فوج ملڪ لاءِ ڇا ڪم ڪيو آهي.
لانس ڪارپورل هوج کي سال 2005ع ۾ هن مهل جنگجو باربي جو خطاب ڏنو ويو جڏهن هن بهادري جو مظاهرو ڪندي عراق ۾ سندس رجمنٽ جي فوجين جي جان بچائي.
هن واقعي ۾ هوج سندس دوستن جي گاڏي اونڌي ٿي وئي هئي ۽ هڪ مسلح ماڻهون سندن گهيرائو ڪري بيٺو هو. هن مهل هوج هن ماڻهون کي ماري هن کان بندوق کسي ورتي هئي.
هن باري ڪترينه هوج جو چوڻ آهي ته پهريان ته آئون حيران ٿي وئي هوس. حادثي جي سبب اسانجي گاڏي ٽن کان به وڌيڪ ڦيراٽيون کاڌيون هيون ۽ اسانکي ڪنهن به شئي جي خبر ڪونه هئي.
هن وڌيڪ چيو ته جيئن ئي هن ڏٺو ته هڪ عراقي هنن مٿان بندوق کڻي بيٺو آهي ته هن ترت سوچيو ته هن مهل ڪجهه نه ڪندس ته پوءِ مون سان گڏ منهنجي دوستن جي جان کي به خطرو هوندو. هن ٻڌايو ته مان هن ماڻهون کي طاقتور ٺونشو هيو جنهن سبب هو پنهنجي بندوق ڪونه سنڀالي سگهيو ۽ مونکي سندس رائفل کسڻ جو موقعو ملي ويو.