کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > رشدي لاءِ ”بيسٽ آف بُڪر“

رشدي لاءِ ”بيسٽ آف بُڪر“

ويچار ڊيسڪ
July 13th, 2008

مشهور ادبي ايوارڊ جي 40 سالگرهه جي موقعي تي سلمان رشدي جي ناول ”مڊ نائٽ چلڊرن“ کي بيسٽ آف بُڪر ايوارڊ ڏن ويو آهي. بيسٽ آف بُڪر جو فيصلو عوامي ووٽ جي ذريعي ٿيو جنهن جي نتيجن تي 1981ع ۾ شايع ٿيندڙ ناول مڊ نائٽ چنڊرن کي گذريل 40 ورهين ۾ بُڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ ناولن مان سڀ کان سٺو چيو ويو آهي.

 

سلمان رشدي کي ملڻ وارو اهو ٽيون بُڪر ايوارڊ آهي ڇاڪاڻ ته سال 1981ع ۾ مڊ نائٽ چلڊرن لاءِ بُڪر ايوارڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وري 1993ع ۾ انهيءَ ناول لاءِ بُڪر آف بُڪر ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو هو.

 

هن موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سلمان رشدي ”بيسٽ آف بُڪر“ کي هڪ سٺي خبر ڄاڻائيندي چيو ته کيس اها خبر ٻڌي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته مان سموري دنيا ۾ پنهنجي پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان جن مڊ نائٽ چلڊرن جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي.

 

سلمان رشدي لنڊن جي سائوٿ بئنڪ سينٽر ۾ ٿيندڙ ايوارڊ جي جلسي ۾ شرڪت ڪونه ڪئي ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه آمريڪا جي ياترا ڪري رهيو آهي. اهو ايوارڊ سندس پُٽن ظفر ۽ ميلان کي ڏنو ويو.

 

8 جولاء تي صبح جي 12 وڳي ووٽنگ بند ٿيڻ تائين ست هزار اٺ سئو هڪ ماڻهون آن لائن ٽيڪسٽ جي ذريعي ووٽ وڌا هئا ۽ هنن مان 36 سيڪڙو مڊ نائٽ چلڊرن جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.

 

بيسٽ آف بُڪر ايوارڊ لاءِ سلمان رشدي کان علاوه پيٽر ڪيري، پيٽ بارڪر، جي ايم ڪوٽزي، نادين گورڊيمر ۽ جي جي فيرل کي به شارٽ لسٽ ڪيو ويو هو. نامزدگي جو عمل ماهرن جي هڪ پينل جي حفاظت ۾ ٿيو جن ۾ ناول نگار وڪٽوريا گلين ڊائننگ ۽ براڊ ڪاسٽر ماريلا فراسٽرب پڻ شامل هئا.

 

وڪٽوريا گلين جو چوڻ آهي ته پڙهندڙن هزارن جي انگ ۾ ووٽ وڌا آهن ۽ اسانجي خيال ۾ هنن بالڪل صحيح فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مڊ نائٽ چلڊرن هڪ طويل مارجن کان ايوارڊ حاصل ڪيو آهي. بُڪر ايوارڊ سال 1974 ۽ 1992 ۾ ٻن اديبن کي هن جو گڏيل حقدار چيو ويو هو.

 

بي بي سي جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com