هالي وڊ جي مشهور اداڪاره انجلينا جولي فرانس جي هڪ اسپتال ۾ جاڙا ٻار پيدا ڪيا آهن جن مان هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري آهي. نيس ۾ لينوال اسپتال هڪ مقامي اخبار کي ٻڌايو آهي ته آچر تي آپريشن کانپوءِ انجلينا جولي هڪ صحت مند ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پيدا ڪئي آهي.
اخبار موجب جولي ۽ سندس پارٽنر بريڊ پيٽ ڇوڪري جو نالو نوڪس ليون ۽ ڇوڪري جو نالو ووين مرچيلائن رکيو آهي. انجلينا ۽ بريڊ پيٽ جي نئين ڌي جو نالو انجلينا جولي جي ماءُ جي نالي تي آهي جيڪا هڪ اداڪاره هئي ۽گذريل سال ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب مري وئي هئي. ڊاڪٽر موجب ماءُ ۽ ٻار ٻئي صحتمند آهن. ٻارن جي پيدا ٿيڻ مهل انجلينا جولي جو پارٽنر بريڊ پيٽ به هتي موجود هيو.
انهن ٻارن کان پهريان به انجلينا ۽ بريڊ پيٽ جي هڪ ڌي شيلوح به آهي جيڪا ٻه هزار ڇهه ۾ ڄائي هئي. هن کان علاوه انجلينا ۽ بريڊ پيٽ ڪمبوڊيا، ايٿوپيا ۽ ويٽنام سان تعلق رکندڙ ٽي ٻار ايڊاپٽ ڪيا آهن.