کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > شيڪسپيئر جا ڊراما ڪنهن لکيا آهن؟

شيڪسپيئر جا ڊراما ڪنهن لکيا آهن؟

زيف سيد
July 15th, 2008

شيڪسپيئر دنيا جو مشهور اديب آهي، دنيا جو هر پڙهيل لکيل ماڻهون شيڪسپيئر کي سڃاڻيندو آهي، پر شيڪسپيئر ڪير هو، سندس باري گذريل هڪ صدي کان دنيا جون مشهور هستيون اندازو لگائي رهيون آهن. ڪيترن ئي مهان اديبن، ماهرن ۽ دانشورن کي شيڪسپيئر جي هستي جي اصليت باري شڪ آهي، هنن ماڻهن ۾ سگمنڊ فروئڊ، چالز ڊڪنز ۽ مارڪ ٽوين جهڙا مشهور ماڻهون به شامل آهن.

 

ڪجهه عرصو پهريان برطانيا ۾ هڪ تنظيم قائم ڪئي وئي جنهن هڪ قرارداد جاري ڪئي آهي. هن قرارداد ۾ شيڪسپيئر جي هستي باري شڪ جو اظهار ڪيو ويو آهي. هن قرارداد تي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن صحي ڪئي آهي جن ۾ يونيورسٽين جا پروفيسر، ليکڪ، ۽ شيڪسپيئر جا ماهر شامل آهن.

 

مسئلو اهو آهي ته برطانيا جي قصبي اسٽريڊ فرڊ ۾ وليم شيڪسپيئر نالي جو هڪ ماڻهون ضرور هيو پر سندس زندگي جي تفصيل موجود ناهي جيڪڏهن آهي ته هن کان اهو ظاهر ڪونه ٿيندو آهي ته هو ڊرامه نگار شيڪسپيئر آهي. شڪ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته هنن ٻنهيءَ نالن ۾ فرق آهي.

 

شيڪسپيئر جو ذڪر سندس زماني جي ڪجهه ليکڪن جي تحريرن ۾ موجود آهي، پر اُهي سندس ذڪر ڪلاڪار جي لحاظ سان ڪندا آهن ليکڪ جي طور تي نه. جيڪڏهن هو ايترو زبردست ليکڪ هجي ها ته پوءِ هر ڪو سندس تعريف ڪري ها. پوءِ اهو سوال به کنيو ويو ته هڪ ننڍي قصبي ۾ ڄاول ٿوري گهڻي پڙهيل ڪلاڪار ايتري عملي مهارت ڪٿان حاصل ڪئي جيڪا سندس تحريرن ۾ نظر ايندي آهي.

 

شيڪسپيئر جي تحريرن ۾ 29 هزار اکر موجود آهن، جيڪي ڪنهن به اديب لاءِ تمام متاثر ڪندڙ اکرن جو ذخيرو آهي، پوءِ سندس تاريخ، ڪيترن ئي ملڪن جي رسم رواج جو علم، سياسي ڄاڻ، انساني نفسيات تي قابو ۽ فرانسيسي ٻولي ۾ مهارت پڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي جنهن سبب اهو يقين ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ته اُهي تحريرون هڪ عام ڳوٺاڻي جي قلم جو ڪمال آهن.

 

پر جيڪڏهن اُهي تحريرون شيڪسپيئر جون نه آهن ته پوءِ ڪنهن جون آهن؟ شيڪسپيئر جي وجود جي خلاف اندازو لگائيندڙن جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته شيڪسپيئر جا ڊراما سندس دور جي مشهور ليکڪ فرانس بيڪن لکيا هجن. ڪجهه ماڻهون هن سلسلي ۾ شيڪسپيئر جي دور جي ڊراما نگار ڪرسٽو فرمارلو جو نالو به ٻڌائيندا آهن. هن زماني ۾ اديبن جو گمنام رهڻ، يا فرضي نالن جو لکڻ تمام عام هيو.

 

پر جنهن به اُهي ڊراما لکيا هجن هن ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته هو عالمي ادب عاليه جو نادر اثاثو آهي. ۽ پوءِ پاڻ شيڪسپيئر (يا پوءِ فرانس بيڪن يا ڪرسٽو فرمارلو) جو چوڻ آهي ته نالي ۾ ڇا رکيو آهي، گلاب جي گُل کي ڪنهن به نالي سان سڏيو، اُهو گُلاب ئي رهندو آهي!

 


 

 

Powered by: PHPCow.com