کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > سعودي عرب ۾ فلم فيسٽيول

سعودي عرب ۾ فلم فيسٽيول

ويچار ڊيسڪ
July 30th, 2008

هلندڙ هفتي سعودي عرب جي شهر جده ۾ هڪ فلم فيسٽيول شروع ٿيو آهي جنهن ۾ سوين سعودي شهري فلمون ڏسڻ اچي رهيا آهن. هن ميلي ۾ ستر فملن جي نمائش ڪئي ويندي جن ۾ اڌ کان وڌيڪ فعودي فلم ميڪرز جون فلمون آهن. سعودي عرب هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي ڪو سينما موجود ناهي پر هتي فلم ميڪرز جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. اڄڪلهه سعودي عرب جي شهرين کي ڪجهه خاص جاين تي فلمون ڏسڻ جو موقعو پڻ ڏنو وڃي ٿو.

 

ٽين جده فلم فيسٽيول جي اجلاس جي موقعي تي هتي پنج سئو ماڻهون موجود هئا. ميلي ۾ فلم ڏسڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ نوجوان ڇوڪرن جو آهي ۽ چيمبر آف ڪامرس جي هال ۾ مرد اڳتي ۽ زائفون پوئتي بيهي ڪري ڪيتريون ئي فلمون ۽ ڊاڪيومينٽريز ڏسي سگهن ٿا جن ۾ ڪجهه نوجوانن ۽ معذورن جي ڏکياين ۽ نشي جي مسئلن جهڙي موضوع تي مبني آهن.

 

ميلي جي آخر ۾ بهترين هدايت ڪار، فنڪار ۽ فيچر فلم وغيره جا ايوارڊ پڻ ورهايا ويندا.

 

هن ميلي جي منتظم سليم جو چوڻ آهي ته اهو ميلو صرف مقامي فنڪارن کي ڏسڻ جو موقعو آهي بلڪ هڪ مقامي فلم انڊسٽري ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ به مدد ملي سگهي ٿي.

 

هڪ نوجوان سعودي فلم ميڪر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل صلاحيتون حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي جتي ڪو فلم اسڪول نه هجي. ڪيترن ئي سعودي فلم ميڪرز کي پنهنجون فلمون ملڪ کان ٻاهر ٺاهڻيون پونديون آهن جن ۾ پهريون فلم ميڪر حيفه المنصوري به شامل آهي.

 

سعودي فلم ميڪرز جي وڌندڙ انگ کانپوءِ به هن مهل سعودي عرب جي وڏي مذهبي قدامت پسندن لاءِ هڪ تاريخ ڪمري ۾ مردن ۽ عورتن جو گڏ ويهڻ قابل قبول ناهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com