ڀارت جو مسهور فلم ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ ۽ ليکڪ شگفته رفيقي سندس ٻن فلمن جي شوٽنگ ڪرڻ لاءِ لوڪيشن ڳولڻ لاءِ 4 ڏينهن جي ياترا لاءِ لاهور پهچي ويا آهن. ٻئي ڀارتي مهمان پاڪستان ۽ ڀارت جي گڏجي ڪري فلمون ٺاهڻ جي حوالي سان پنهنجي ڀائيوار سهيل خان سان پنجابي فلم ”خوشي“ ۽ اردو فلم ”جشن“ جا مامرا طئي ڪرڻ ۽ فلم جو اسڪرين پلي لکڻ لاءِ پاڪستان آيا آهن.
مهيش ڀٽ لاهور ايئرپورٽ تي ميڊِيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته هن سدائين اها ڪوشش ڪئي آهي ته گڏجي ڪري فلمون ٺاهڻ جي ذريعي ٻنهيءَ ملڪن جي تعلقن کي مضبوط بڻائي سگهجي. ان ڪري اڪثر هن سندس فلمن ۾ پاڪستاني سنگرز ۽ اداڪارن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. ٻنهيءَ فلمن ۾ به پاڪستاني اداڪارن جو نمايان ڪردار هوندو.
هن موقعي تي شگفته رفيقي چيو آهي ته کيس پاڪستان اچي ڪري دلي خوشي ٿي آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان اچڻ سندس خواهش هئي. هن کان اڳ مهيش ڀٽ جي فلم ”ڌوڪا“ ”جنگ“ ۽ ”وه لمحي“ لکي چُڪي آهي جڏهن ته 2 فلمون ”راز ٽو“ ۽ ”ڪجراري“ جلدي ريليز ٿينديون. ٻئي مهمان چار آگسٽ تي ڀارت موٽندا.