کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > ڪرينه ڪپور هالي وڊ ۾

ڪرينه ڪپور هالي وڊ ۾

ويچار ڊيسڪ
August 9th, 2008

فلم ”جب وي ميٽ“ ۾ سڀ کان بهترين اداڪاري لاءِ ماڻهن جي تعريف کانپوءِ ڪرينه ڪپور تازو ئي بالي وڊ ۾ شهرت جي چوٽين تي آهي. ڪرينه جي شهرت کان هاڻي بالي وڊ به واقف آهي. ڪرينه هالي وڊ اداڪار بلي زين سان سندس پهرين هالي وڊ فلم سائن ڪئي آهي. فلم جي نالي تي اڃان تائين فيصلو ڪونه ٿي سگهيو آهي پر ڪرينا جي پهرين هالي وڊ فلم جو نالو ”چميرا“ هوندو. هن فلم ۾ ڪرينه هڪ ايشيائي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪندي.

 

بالي وڊ فلم انڊسٽري کان شهرت حاصل ڪرڻ کانپوءِ فلمي اداڪار هالي وڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو خواب ڏسندا آهن. پهريان اوم پوري، نصير الدين شاه، سعيد جعفري، ملڪه شراوت جيئن فلمي اداڪار هالي وڊ جي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جو جوهر ڏيکاريو پر صحيح معني ۾ بين الاقوامي سطح تي هالي وڊ ۾ ڪاميابي اڳوڻي ملڪه حسن ايشوريه رائي ماڻي هئي. ”برائڊ اينڊ پريجوڊيس“ ”مسٽر آف اسپائس“ ”دي لاسٽ ليجن“ جهڙي فلمن جي ذريعي ايشوريه بين الاقوامي سينما تي پنهنجو منفرد عڪس ڇڏيو آهي. هاڻي ڏسڻو آهي ته ڪرينه سندس نقش قدم تي هلڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيندي.

 

پر ڪرينه عرف بي بو سندس پهرين هالي وڊ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو مُلهه ٻُڌائڻ کان انڪار ڪيو آهي. فلم جي شوٽنگ ڀارت ۾ ٿيندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com